سنڌ ۾ متبادل قيادت جو بحران ۽ قومي سياست تي پوندڙ ناڪاري اثر

سامي ميمڻ

سنڌ جي سياسي تاريخ جدوجهد، قربانين ۽ فڪري مزاحمت سان ڀرپور رهي آهي. هن ڌرتيءَ اهڙا عظيم سياسي اڳواڻ پيدا ڪيا آهن، جن نه رڳو سنڌ جي قومي، جمهوري ۽ سماجي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، پر پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال جيلن، جلاوطني ۽ سياسي مزاحمت ۾ گذاريا. انهن اڳواڻن سياست کي اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه، پر عوام کي غلامي، استحصال، معاشي ناانصافين ۽ سياسي محرومين کان نجات ڏيارڻ جو اوزار سمجهيو سياست جو بنيادي مقصد سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ، عوام کي پنهنجي حقن بابت شعور ڏيڻ ۽ هڪ اهڙو سياسي ڍانچو جوڙڻ آهي، جنهن ۾ اقتدار شخصيتن جو نه، پر ادارن ۽ سياسي اصولن جو هجي.

افسوس جو سنڌ جي قومي سياست ۾ هڪ اهڙو بحران گهڻي وقت کان موجود آهي، جنهن تي سنجيدگي سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. اهو بحران متبادل يا ٻي لائين جي قيادت جي تياريءَ جو بحران آهي دنيا جي هر وڏي سياسي تحريڪ پنهنجي فڪر سان گڏ ادارتي تسلسل پيدا ڪيو آهي. ڏکڻ آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا کان پوءِ به آفريڪن نيشنل ڪانگريس موجود رهي، ڀارت ۾ مختلف سياسي پارٽين پنهنجي قيادت کي نسل در نسل ادارتي شڪل ڏني ۽ يورپ جي جمهوري سياسي روايتن ۾ به پارٽيون شخصيتن کان وڌيڪ مضبوط ادارن جي صورت ۾ موجود آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ اڪثر سياسي جماعتون پنهنجي باني اڳواڻ جي شخصيت تائين محدود ٿي ويون آهن سنڌ جي قومي سياست تي نظر وجهون ته جي. ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، ممتاز ڀٽو، فاضل راهو، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي دور ۾ عوامي شعور پيدا ڪرڻ ۽ قومي سوال کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن مان ڪيترن ڏهاڪن تائين جدوجهد ڪئي، هزارين ڪارڪن تيار ڪيا، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سياسي پارٽين جي اندر مضبوط ادارتي ۽ متبادل قيادت پيدا ڪرڻ جي عمل کي گهربل اهميت نه ڏني وئي.نتيجي طور جڏهن ڪو وڏو اڳواڻ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ٿو ته سندس پارٽي فوري طور گروهه بندي، اندروني اختلافن، ٽوڙ ڦوڙ ۽ قيادت جي بحران جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ڪيترين ئي پارٽين جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته اڳواڻ جي وفات يا عملي سياست کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ پارٽيءَ جي سياسي اثر پذيري تيزي سان گهٽجي وئي.

سنڌ جي قومي سياست ۾ شخصيت پرستي هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي. سياسي ڪارڪنن کي نظرياتي تربيت ڏيڻ بدران اڪثر سندن وفاداري شخصيتن سان جوڙي ويندي آهي. جڏهن شخصيت موجود نه رهي ته تنظيم به پنهنجو وجود وڃائڻ لڳي ٿي. ان ڪري پارٽين جي بقا ڪنهن هڪ فرد سان نه، پر ادارتي فڪر ۽ سياسي تربيت سان ڳنڍيل هجڻ گهرجي.

سنڌ جي قومي سياست ۾ اڄ به ڪجهه اهم نالا عوامي سطح تي موجود آهن، جن ۾ قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، سيد زين شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ شامل آهن. انهن اڳواڻن پنهنجي پنهنجي سياسي جدوجهد وسيلي عوامي سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي ۽ قومي سوال کي زنده رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پر سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا انهن پنهنجي پارٽين ۾ اهڙي متبادل قيادت تيار ڪئي آهي، جيڪا ايندڙ ويهن يا ٽيهه سالن تائين سياسي سفر کي جاري رکي سگهي؟هي سوال صرف انهن ٽن شخصيتن تائين محدود ناهي، پر سنڌ جي سموري قومي ۽ جمهوري سياست لاءِ انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن اڄ کان ئي ٻي ۽ ٽين لائين جي قيادت تيار نه ڪئي وئي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌ جي قومي سياست هڪ ڀيرو ٻيهر قيادت جي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿي.

متبادل قيادت پيدا ڪرڻ لاءِ رڳو عهدا ورهائڻ ڪافي ناهن هوندا. سياسي اڳواڻن کي پنهنجي نوجوان ڪارڪنن جي فڪري تربيت، سياسي شعور، تنظيمي صلاحيتن ۽ عوامي رابطن تي مسلسل ڪم ڪرڻو پوندو. انهن کي جلسن، سيمينارن، سياسي مذاڪرن ۽ پارٽيءَ جي فيصلا سازيءَ ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. نوجوان قيادت کي اختلاف راءِ برداشت ڪرڻ، سياسي تدبر، ميڊيا سان ڳالهائڻ ۽ عوامي مسئلن جي سمجهه پيدا ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.

سنڌ جي قومي سياست ۾ هڪ ٻيو اهم مسئلو سياسي وراثت جي غير جمهوري منتقلي آهي. ڪيترين ئي پارٽين ۾ قيادت تنظيمي صلاحيتن بدران ذاتي ويجهڙائپ يا خانداني بنيادن تي منتقل ٿيندي رهي آهي، جنهن سبب سياسي ڪارڪنن ۾ مايوسي پيدا ٿيندي آهي. هڪ جمهوري پارٽيءَ جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته ان جي قيادت ڪارڪردگي، سياسي قابليت ۽ عوامي قبوليت جي بنياد تي اڳتي اچي سنڌ جي سياسي منظرنامي جو هڪ ٻيو اهم پهلو اقتداري سياست آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌ جي اقتدار تي مختلف شڪلين ۾ قابض رهي آهي. ڀٽو خاندان جي سياسي ورثي کي استعمال ڪندي هن پارٽيءَ مسلسل اقتدار جا فائدا حاصل ڪيا آهن. ان دوران سنڌ جي قومي ۽ جمهوري پارٽيون هڪ مضبوط سياسي متبادل طور پاڻ کي منظم نه ڪري سگهيون آهن ان جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ تنظيمي ڪمزوري، سياسي اتحادن جي کوٽ، شخصيت پرستي، محدود سياسي حڪمت عملي ۽ سڀ کان اهم متبادل قيادت جي غير موجودگي شامل آهن. جيڪڏهن قومي سياست وٽ مضبوط، تربيت يافته ۽ نوجوان قيادت موجود هجي ها ته شايد سنڌ جي سياسي صورتحال مختلف هجي ها تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ڪا به سياسي تحريڪ پنهنجي باني اڳواڻ کان پوءِ ئي اصل امتحان مان گذرندي آهي. جيڪڏهن تنظيم پنهنجي فڪر ۽ ادارتي ڍانچي تي بيٺل هجي ته اها صدين تائين زنده رهي ٿي، پر جيڪڏهن اها صرف هڪ شخصيت جي چوڌاري گهمندي هجي ته ان جو خاتمو به ان شخصيت سان گڏ ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.

سنڌ جي قومي سياست کي اڄ هڪ نئين سياسي ويزن جي ضرورت آهي. نوجوان نسل کي صرف جلسن ۾ نعرا هڻڻ تائين محدود رکڻ بدران کين سياسي مطالعي، تنظيم سازي ۽ پاليسي سازيءَ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي يونيورسٽين، علمي ادارن ۽ سياسي تربيتي مرڪزن سان لاڳاپا وڌائي هڪ نئين سياسي نسل تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن اڄ جي قيادت پنهنجي سياسي انا، ذاتي حيثيت ۽ شخصي مقبوليت کان مٿي ٿي سوچي ته هوءَ سنڌ جي مستقبل لاءِ هڪ مضبوط سياسي بنياد ڇڏي سگهي ٿي. ٻي صورت ۾ هر ڏهاڪي کان پوءِ اسان ساڳيو سوال ورجائيندا رهنداسين ته فلاڻو اڳواڻ ويو ته هاڻي پارٽيءَ جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ کي فردن کان وڌيڪ ادارن جي ضرورت آهي. سنڌ کي نعريباز ڪارڪنن بدران فڪري، علمي ۽ سياسي طور تي تربيت يافته قيادت جي ضرورت آهي. سنڌ کي اهڙين سياسي جماعتن جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي باني اڳواڻن کان پوءِ به زنده رهن ۽ قومي حقن جي جدوجهد کي جاري رکڻ اڄ جيڪڏهن قادر مگسي، اياز لطيف پليجو ۽ سيد زين شاهه جهڙا اڳواڻ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي بهترين سالن ۾ نوجوان قيادت تيار ڪرڻ جو عمل شروع ڪن ٿا، ته ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مضبوط سياسي سرمايو ڇڏي سگهن ٿا. ٻي صورت ۾ تاريخ پاڻ کي ورجائيندي رهندي ۽ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر قيادت جي بحران، تنظيمي انتشار ۽ سياسي ڪمزوريءَ جو شڪار ٿيندي سنڌ جي قومي سياست جو مستقبل رڳو هڪ يا ٻن اڳواڻن سان وابسته نه هجڻ گهرجي، پر هڪ اهڙي سياسي روايت سان هجڻ گهرجي، جيڪا فڪر، تنظيم، جمهوريت ۽ متبادل قيادت جي اصولن تي بيٺل هجي. ڇو ته قومون شخصيتن سان نه، پر ادارن، فڪر ۽ تربيت يافته قيادت سان پنهنجو سياسي مستقبل محفوظ بڻائينديون آهن.

سنڌ جي سياست کي جيڪڏهن ايندڙ پنجاهه سالن لاءِ زنده ۽ اثرائتو بڻائڻو آهي ته اڄ ئي متبادل قيادت جي تياريءَ کي قومي ذميواري سمجهي ان تي سنجيدگي سان ڪم ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ سياسي خال پيدا ٿيندا رهندا ۽ سنڌ پنهنجي حقيقي سياسي طاقت کان محروم رهندي.

 

You might also like