پاڻيءَ جياپو آهي، پاڻي کان بغير زندگي اڌوري آهي، سنڌ سونهاريءَ ۾ اڳ ئي پيئڻ جو صاف ۽ مٺو پاڻي اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي. سروي رپورٽن موجب90 فصد ماڻهو گدلو پاڻي واپرائي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ واسي هيپاٽائٽس، گردن توڙي ٻين انيڪ بيمارين جي وَر چڙهي رهيا آهن. ٻئي طرف سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي جنھن جي وڏي آباديءَ جو گذر سفر زراعت تي آھي.سنڌ جا آبادگار فصلن جي پاڻي جي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن. پاڻي کوٽ جي ڪري لاڙ پٽي سميت سنڌ جي لکين ايڪڙن تي ٻڌل فصل ڦٽي، ڪمند، سارين جو ٻيجارو ، مرچ سميت ڪيترائي فصل سوڪهڙي جو شڪار آهن، جيڪا سنڌ سُڪائڻ جي سازش لڳي ٿي. ان سازش ۾ اسان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت سڌو سنئون ملوث آهي. ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر سنڌ تي پوي ٿو. ڇو ته سنڌ پوڇڙ ۾ هجڻ جي ڪري ان جا نتيجا ڀوڳي ٿو. ڀارت کي سنڌ طاس معاھدي جي اُبتڙ هڪ طرفو پاڻي بند ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي اهو ائين ڪري بين الاقوامي معاهدي جي سراسر خلاف ورزي ڪري رهيو آهي.
ڀارت طرفان پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ وارين ڌمڪين تي اسان جي فوجي ترجمان ردعمل ڏنو هو ته” جيڪڏهن هن اسان جو پاڻي بند ڪيو ته اسان ان جو ساهه بند ڪري ڇڏينداسين.“ ڀارت ڪڏهن به پاڪستان کي دل سان تسليم ڪونه ڪيو آهي، بنگلاديش کان وٺي بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردن جي سهولتڪاري جا پڻ ان ملڪ جي جاسوي ادارن جي ملوث ھجڻ جا پڻ چٽا ثبوت مليا آهن. هاڻي هو پاڻي بند ڪري سنڌ کي بنجر ڪرڻ جون سازشون سٽي رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ جا هاري ناري سخت پريشان ۽ سراپا احتجاج بڻيل آهن. اڳ ۾ ئي حڪومت آبادگارن کي پنهنجي پوک جا مناسب اگهه ڪونه ٿي ڏئي ڪڻڪ جي پوک ان جو ثبوت آھي. آبادگار ن کان ڪڻڪ 32 کان 35سو تائين ورتي وئي پر اڄ اھا ڪڻڪ 56000سو في مڻ وڪامجي پئي. اٽي جو اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رھيو آھي. مطلب تہ سڄو فائدو مڊل مين واپارين ۽ منافعي خورن کي پھچايو ويو. آبادگار کي پنھنجي محنت جو ڦل نه ڏنو ويو، ٻئي طرف پاڻي جي کوٽ ۽ زرعي زمينن تي رهائشي سوساٽيون ٺهڻ ڪري زرعي شعبو تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچايو پيو وڃي جنهن جي ڪري ايندڙ وقتن ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جي نه رڳو مهانگي ٿيڻ، پر سخت کوٽ جو پڻ خدشو آهي.
ڀارت طرفان سنڌ-طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي سان گڏ دستياب پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ سنڌ طرفان 91 ارسا معاهدي تي عمل نه ڪرڻ جا پڻ پنجاب تي الزام آهن. سنڌ جو اهو الزام به آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. دستياب پاڻيءَ تي به پنجاب پهريان پنهنجا توڙي غير قانوني طور ٺاھيل واھ ۽ ڊئم ڀري ٿو جيڪي ان کي وافر مقدار ۾ پاڻي هجڻ يا برسات جي موسم ۾ ڀرڻا آهن، پر هو ان کان اڳ ۾ ئي ٻين صوبن جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي انهن کي ڀري ٿو ڇڏي جنهن ڪري سنڌ کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ، آبادگار ٽيوب ويل استعمال ڪندا آهن، جيڪي ڊيزل ۽ بجلي جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري انهن جي پهچ کان ٻاهر آهن، جنهن جي ڪري في ايڪڙ خرچ وڌي ويندو آهي. هن وقت سنڌ ۾ سارين، ڪپهه ۽ ڪمند جي پوک جو موسم آهي، جنهن ۾ بدين-حيدرآباد ڊويزن به شامل آهي، پر اڃا تائين ڪيترائي علائقا آهن جتي هن وقت به پاڻي موجود ناهي، جيڪو پاڻي جي کوٽ سبب ٻڌايو پيو وڃي. سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر پڻ صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سندس مطابق ارسا پاران پاڻي جي فراهمي ۾ ڪٽوتي جي ڪري سنڌ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جيڪا صوبي جي زراعت ۽ لکين هارين لاءِ هڪ سنگين بحران بڻجي چڪي آهي. خيرپور، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، عمرڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي، ميرپورخاص، ڪشمور ۽ ٻين ضلعن ۾ صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، جتي پاڻي جي شديد کوٽ سبب زرعي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن.
سنڌ جي زرعي معيشت 2026 جي خريف سيزن دوران پاڻي جي غير معمولي کوٽ سبب سخت دٻاءُ هيٺ آهي. خاص طور تي چانورن جي فصل کي سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پاڻي جي کوٽ سبب ڪپهه، ڪمند، مرچ، ڪيلا ۽ باغ پڻ پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جا آبادگار پنهنجي فصلن جي مستقبل بابت سخت پريشاني ۾ آهن. هن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي حصي جو فوري طور تي پاڻي بحال نه ڪيو ويو ته چانورن سميت اهم فصلن جي پوک هيٺ ايراضي ۾ وڏي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جنهن جو زرعي پيداوار تي اثر پوندو. پاڻي جي کوٽ سبب زرعي پيداوار گهٽجي سگهي ٿي، پيداواري خرچ وڌي سگهن ٿا ۽ آبادگارن کي به وڏي مالي نقصان جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي سنڌ جا طاقتور ڀوتار جيڪي حڪومت، پئسي ۽ بندوق جي زور تي غير قانوني ۽ زوري پاڻي کڻي ننڍن آبادگارن جو حق ماري رهيا آهن جن جو پُڇاڻو ڪرڻ وارو ڪير به ڪونه آهي. اهڙي صورتحال ۾ نه رڳو وفاقي حڪومت ڀارتي آبي دهشتگردي خلاف عالمي فورمن تي اثرائتو آواز اُٿاري، پر ان سان گڏو گڏ سنڌ حڪومت به صوبي کي پنهنجي حصي جو جائز پاڻي ڏيارڻ لاءِ جوڳا ۽ اثرائتا قدم کڻي. ان لاءِ جديد دور جي تقاضائن موجب ٽيلي ميٽري سسٽم کي فعال ۽ يقيني بڻايو وڃي. پ پ جي سنڌ حڪومت کي به گهرجي ته هو ننڍن آبادگارن جو حق ماريندڙ طاقتور وڏيرن کي لغام ڏئي سنڌ ۾ موجود پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي ته جيئن سنڌ جي هاري ناري جا درد دور ٿين ۽ دشمن جي سنڌ کي سُڪائڻ واري سازش کي به ناڪام بڻائي سگهجي.