تيل جي اگهن ۾ روز تبديلي جو فيصلو : نئين معاشي بحران کي دعوت

وفاقي حڪومت پاران اوگرا جي ذريعي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هر پندرهين ڏينهفتي بدران هاڻي روزاني بنياد تي ردوبدل ڪرڻ جو فيصلو رڳو هڪ انتظامي تبديلي نه، پر اهڙو قدم آهي جيڪو ملڪ جي معيشت، ڪاروبار، ٽرانسپورٽ، مهانگائي ۽ عام ماڻهوءَ جي روزاني زندگيءَ تي گهرا ۽ ڊگهي مدي وارا اثر ڇڏي سگهي ٿو. اهو فيصلو اهڙي وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن ملڪ جو عام ماڻهو اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري، وڌندڙ بجلي ۽ گيس جي بلن، ٽيڪسن جي بار ۽ گهٽ ٿيندڙ خريداري واري سگهه سبب شديد پريشانيءَ ۾ ورتل  آهي.

حڪومت شايد اهو سمجهي رهي آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن جي روزاني تبديليءَ کي مقامي مارڪيٽ ۾ به روزانو منتقل ڪرڻ سان معيشت وڌيڪ "مارڪيٽ بيسڊ” بڻجي ويندي، پر پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي نه مضبوط ريگيوليٽري نظام موجود آهي، نه ئي واپارين تي مؤثر نگراني آهي، اهڙو فيصلو عوام کي رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ تڪليفن ۾ ڌڪي سگهي ٿو.

اسان جي مارڪيٽن جو الميو اهو رهيو آهي ته جڏهن پيٽرول يا ڊيزل جي قيمت وڌي ٿي ته ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا، سبزين، ميون، اٽي، کنڊ، سيمينٽ، اسٽيل ۽ روزمره استعمال جي هر شيءِ جا اگهه چند ڪلاڪن اندر وڌي وڃن ٿا، پر جڏهن تيل سستو ٿئي ٿو ته اهي قيمتون وري گهٽ ٿيڻ جو نالو نٿيون وٺن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن تيل جا اگهه روزانو بدلجندا رهندا ته مارڪيٽ ۾ غيريقيني، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري کي وڌيڪ هٿي ملندي. روزانو قيمتن جي تبديلي سان سڀ کان وڏو مسئلو ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پيدا ٿيندو. بس مالڪ، ٽرڪ مالڪ ۽ مال بردار ڪمپنيون روزانو نوان ڀاڙا مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون، جنهن سان واپارين ۽ صارفين ٻنهي لاءِ منصوبابندي ناممڪن بڻجي ويندي. هر ڏينهن هڪ نئون اگهه، هر ڏينهن نئون ڀاڙو ۽ هر ڏينهن نئين مهانگائي عوام کي ذهني عذاب ۾ مبتلا ڪندي.

اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا پاڪستان ۾ اهڙو ڪو مؤثر نظام موجود آهي جيڪو روزانو پيٽرول پمپن تي نون اگهن تي مڪمل عملدرآمد ڪرائي سگهي؟ ماضي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته ڪيترائي پيٽرول پمپ اگهه وڌڻ کان اڳ ئي پراڻو اسٽاڪ لڪائي ڇڏيندا آهن ۽ وڌايل اگهن تي وڪرو شروع ڪندا آهن، جڏهن ته اگهه گهٽجڻ وقت پراڻو مهانگو اسٽاڪ وڪڻڻ جي بهاني سستي قيمت جو فائدو عوام تائين نه پهچائيندا آهن. جيڪڏهن روزانو تبديليون ٿينديون ته اهڙي استحصالي رويي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

واپاري برادري لاءِ به اها پاليسي نئين مونجهاري جو سبب بڻجندي. صنعتڪار، ٽرانسپورٽر ۽ ننڍا ڪاروباري ماڻهو پنهنجا خرچ اڳواٽ طئي نٿا ڪري سگهن. جڏهن تيل جي قيمت هر ڏينهن تبديل ٿيندي ته پيداوار جي لاڳت به غير يقيني بڻجي ويندي، جنهن سان سيڙپڪاري جو ماحول متاثر ٿيندو ۽ ڪاروباري اعتماد گهٽجندو. هڪ ٻيو اهم پاسو نفسياتي به آهي. عام ماڻهو اڳ ئي هر هفتي تيل جي قيمتن جي اعلان جو انتظار پريشانيءَ سان ڪندو هو، هاڻي جيڪڏهن هر ڏينهن نئين قيمت سامهون ايندي ته مهانگائي جو خوف مستقل طور ماڻهن جي ذهنن تي حاوي رهندو. اهڙي فضا معيشت ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ بدران بيچيني ۽ غير يقيني کي وڌائيندي.

حڪومت جيڪڏهن واقعي عوام کي فائدو ڏيڻ چاهي ٿي ته ان کي روزانو اگهه بدلائڻ بدران اهڙو نظام آڻڻ گهرجي، جنهن تحت عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جو سڌو فائدو عام صارف تائين پهچي. ساڳئي وقت ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن، خوراڪ جي شين ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن تي به سخت نگراني ڪئي وڃي، جيئن پيٽرول سستو ٿيڻ سان مارڪيٽ ۾ به حقيقي سستائي اچي. اوگرا جو ڪردار به صرف اگهه مقرر ڪرڻ تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر ان کي مارڪيٽ جي نگراني، پيٽرول پمپن تي عملدرآمد، ذخيره اندوزي جي خاتمي ۽ صارفين جي تحفظ کي به پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ روزانو قيمتن جي تبديلي صرف انگن اکرن جي مشق بڻجي رهندي، جنهن جو بار وري به عوام جي ڪلهن تي پوندو.

حڪومت کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته معيشت صرف نظرياتي ماڊلن سان نه هلندي آهي، پر زميني حقيقتن سان به جڙيل هوندي آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي مارڪيٽ جو ڍانچو ڪمزور، نگراني جو نظام محدود ۽ منافعي خوري عام هجي، اتي روزانو پيٽروليم اگهن جي تبديلي عوام دوست پاليسي نه پر مهانگائي کي وڌيڪ بي قابو ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. وقت جي ضرورت اها آهي ته حڪومت هن فيصلي تي ٻيهر سنجيدگي سان غور ڪري، واپاري تنظيمن، ٽرانسپورٽ شعبي، معاشي ماهرن ۽ صارفين جي نمائندن سان صلاح مشورا ڪري. اهڙي پاليسي جيڪا عوام جي زندگي وڌيڪ ڏکي بڻائي، ان کي معاشي سڌاري جو نالو نٿو ڏئي سگهجي. حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته حڪومت جو بنيادي فرض مارڪيٽ کي غير يقيني بڻائڻ نه، پر عوام کي استحڪام، اعتماد ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. جيڪڏهن روزانو تيل جي قيمتن جي تبديلي جو فيصلو بنا مضبوط حفاظتي قدمن جي لاڳو ڪيو ويو ته ان جا نتيجا مهانگائي، منافعي خوري ۽ عوامي بيچيني جي صورت ۾ قوم کي ڊگهي عرصي تائين ڀوڳڻا پوندا.

 

You might also like