سياسي ڇڪتاڻ جي باهه ۾ سڙندڙ عام ماڻهو

غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستان هن وقت اهڙي ٻه واٽي تي بيٺو آهي، جتي هڪ پاسي سياسي گرمي پد ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جڏهن ته ٻئي پاسي مهانگائي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي انتهائي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ جي سياسي ماحول ۾ هر روز نوان بيان، الزام، احتجاج، جوابي بيان ۽ سياسي ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر عام ماڻهو صبح جو اک کوليندي ئي ان سوچ ۾ هوندو آهي ته اڄ گهر جا خرچ ڪيئن پورا ٿيندا. هن لاءِ اهو اهم ناهي ته اقتدار ڪنهن وٽ آهي يا سڀاڻي ڪنهن وٽ هوندو، پر سندس سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ٻارن جي تعليم، علاج، گهر جو ڪرايو، بجلي ۽ گئس جا بل، روزاني کاڌ خوراڪ ۽ زندگي جون ٻيون بنيادي ضرورتون ڪيئن پوريون ٿينديون.

گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۾ مهانگائي جنهن رفتار سان وڌي آهي، تنهن وچولي ۽ غريب طبقي جي زندگي کي سخت متاثر ڪيو آهي. اٽو، کنڊ، گيهه، داليون، ڀاڄيون، دوائون، بجلي، گئس ۽ ٻين ضروري شين جون قيمتون مسلسل وڌنديون رهيون آهن، جنهن سبب لکين خاندانن جو گهريلو بجيٽ مڪمل طور تي بگڙي ويو آهي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جون خبرون سامهون اچن ٿيون ته عوام جي پريشاني وڌيڪ وڌي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻهن کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافو رڳو گاڏي هلائڻ تائين محدود نه هوندو، پر ان جو اثر روزمره استعمال ٿيندڙ تقريباً هر شيءِ تي پوندو.

اسان جي ملڪ ۾ سامان جي آمدرفت جو وڏو دارومدار پيٽرول ۽ ڊيزل تي آهي. جڏهن ايندھن مهانگو ٿئي ٿو ته ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌي وڃن ٿا، جنهن کان پوءِ ڀاڄين، ميون، اٽي، کنڊ، چانورن، گوشت، کير ۽ ٻين ضرورت جي شين جون قيمتون به وڌي وڃن ٿيون. نتيجي ۾ مهانگائي جو سڄو بار آخرڪار عام ماڻهوءَ جي ڪلهن تي اچي پوي ٿو. روزانو اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور، پنهنجي فصل مارڪيٽ تائين پهچائيندڙ هاري، رڪشا يا ٽيڪسي هلائيندڙ ڊرائيور، ننڍو واپاري ۽ سرڪاري يا خانگي ملازم سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا.

اهو به هڪ حقيقت آهي ته عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ تبديلي، رپئي جي قدر ۾ لاٿ چاڙهه، درآمدي خرچ ۽ حڪومت جون معاشي پاليسيون به ملڪي مارڪيٽ تي اثرانداز ٿين ٿيون. ڪيترائي ڀيرا حڪومتن کي اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، جيڪي سندن خيال موجب معاشي ضرورت هوندا آهن، پر ساڳئي وقت عوام جي اها به جائز اميد هوندي آهي ته اهڙن فيصلن سان گڏ کين رليف ڏيڻ، مهانگائي جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي سهارو ڏيڻ لاءِ به مؤثر قدم کنيا وڃن. اڄ سڀ کان وڌيڪ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته عوام کي رڳو قربانيون ڏيڻ لاءِ نه چيو وڃي، پر عملي طور تي به سندن زندگي آسان بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته موجوده سياسي ماحول ۾ عوام جا بنيادي مسئلا گهڻو ڪري سياسي شور شرابي ۾ گم ٿي وڃن ٿا. سياسي جماعتون هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ، الزام لڳائڻ ۽ سياسي برتري حاصل ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿيون، جڏهن ته عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. جمهوريت ۾ اختلاف راءِ هڪ فطري عمل آهي، پر جڏهن عوام جا مسئلا پوئتي رهجي وڃن ته پوءِ مايوسي ۽ بيچيني وڌڻ شروع ٿي وڃي ٿي. عوام چاهي ٿو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي ترجيح مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، تعليم، صحت ۽ معيشت کي بهتر بڻائڻ هجي، ڇو ته اهي ئي مسئلا هر شهري جي زندگي سان سڌيءَ طرح لاڳاپيل آهن.معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو اصل معيار رڳو وڏيون عمارتون، شاهراهون يا ترقياتي منصوبا نه هوندا آهن، پر ان ملڪ جي عام شهري جي زندگي جو معيار هوندو آهي. جيڪڏهن هڪ مزدور پنهنجي روزاني اجرت مان پنهنجي گهر جو خرچ آساني سان هلائي سگهي، هڪ سرڪاري ملازم پنهنجي پگهار سان عزت ڀري زندگي گذاري سگهي، هڪ هاري پنهنجي فصل جو مناسب اگهه حاصل ڪري سگهي ۽ هڪ نوجوان کي پنهنجي قابليت مطابق روزگار ملي سگهي ته اها ئي حقيقي ترقي جي نشاني هوندي آهي. پر جڏهن مهانگائي ماڻهن جي آمدني کان وڌيڪ تيزي سان وڌڻ لڳي ته پوءِ معاشري ۾ بيچيني، مايوسي ۽ غير يقيني صورتحال پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي.

اهو پڻ حقيقت آهي ته پاڪستان کي هن وقت ڪيترن ئي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پرڏيهي قرضن جي ادائيگي، درآمدن تي وڌندڙ خرچ، توانائي جي شعبي جا مسئلا، رپئي جي قدر ۾ لاٿ چاڙهه، عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ تبديليون ۽ ٻين ڪيترن ئي عنصرن حڪومت جي معاشي فيصلن تي اثرانداز ٿين ٿا. اهڙين حالتن ۾ معيشت کي سنڀالڻ آسان ڪم ناهي، پر اهو به حڪومت جي ذميواري آهي ته عوام کي اعتماد ۾ وٺي، پاليسين بابت واضح موقف اختيار ڪري ۽ خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪري، جيئن معاشي بار صرف عام ماڻهو تي نه پوي.

ٻئي طرف مخالف سياسي جماعتن جي به اها ذميواري آهي ته اهي صرف حڪومت تي تنقيد ڪرڻ تائين محدود نه رهن، پر معيشت، مهانگائي، روزگار ۽ عوامي ڀلائي بابت عملي ۽ قابلِ عمل تجويزون به پيش ڪن. مضبوط جمهوريت اها هوندي آهي، جتي حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي سان اختلاف رکڻ باوجود قومي مفادن ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي سان گڏجي ڪم ڪن. جيڪڏهن هر معاملو رڳو سياسي فائدي يا نقصان جي نظر سان ڏٺو ويندو ته ان جو نقصان آخرڪار ملڪ ۽ عوام ٻنهي کي برداشت ڪرڻو پوندو.

اڄ پاڪستان جو نوجوان به سخت پريشان آهي. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ باوجود لکين نوجوان مناسب روزگار کان محروم آهن. ڪيترائي نوجوان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهين ٿا، پر وڌندڙ خرچ، مهانگو ايندھن، بجلي جا بل، بينڪن جي سخت شرطن ۽ مارڪيٽ ۾ خريداري جي گهٽتائي سبب هو به مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ننڍا واپاري، صنعتڪار، ٽرانسپورٽر ۽ هاري سڀ ان اميد سان حڪومت ڏانهن ڏسن ٿا ته اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون وڃن، جن سان ڪاروباري سرگرميون وڌن، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿئي، صنعتن کي هٿي ملي ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان در کلي سگهن. جڏهن معيشت جو ڦيٿو تيزي سان هلندو ته ان جا مثبت اثر معاشري جي هر طبقي تائين ضرور پهچندا.

هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي رهن، پر عوامي مسئلن کي هر حال ۾ پهرين ترجيح ڏني وڃي. پارليامينٽ، حڪومت، مخالف ڌر، واپاري برادري ۽ لاڳاپيل ادارن کي گڏجي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جن سان مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهجي، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جو خاتمو ٿي سگهي، ٽيڪس نظام کي وڌيڪ شفاف بڻائي سگهجي ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام وڌيڪ مضبوط ڪيا وڃن. ان سان گڏ زراعت، صنعت، برآمدات، ننڍن ڪاروبارن ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇو ته مضبوط معيشت ئي مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو بنيادي ذريعو بڻجي سگهي ٿي.

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن، زرخيز زمين، نوجوان آبادي ۽ بيپناهه صلاحيتن سان مالا مال آهي. جيڪڏهن قومي ترجيحن ۾ عوامي ڀلائي، معاشي استحڪام، شفاف حڪمراني ۽ سياسي برداشت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي ته موجوده بحرانن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. عوام حڪومت کان اها اميد رکي ٿو ته هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ته مهانگائي جو بار گهٽ ٿئي، روزگار جا موقعا وڌن، بنيادي ضرورتن جون شيون عام ماڻهو جي پهچ ۾ رهن ۽ معيشت آهستي آهستي مضبوط بنيادن تي بيهي سگهي. ساڳئي وقت سياسي جماعتن کان به اها اميد آهي ته اهي پنهنجي اختلافن کي عوامي مسئلن جي حل ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏين.

آخر ۾ اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته ڪنهن به رياست جي اصل طاقت ان جا هٿيار يا عمارتون نه، پر ان جا مطمئن، باوقار ۽ خوشحال شهري هوندا آهن. جيڪڏهن عام ماڻهو کي انصاف، روزگار، تعليم، صحت ۽ عزت سان زندگي گذارڻ جا موقعا ملندا ته ملڪ خود بخود ترقي جي راهه تي هلي پوندو. پر جيڪڏهن عام ماڻهو مسلسل مهانگائي، بيروزگاري، غير يقيني صورتحال ۽ معاشي پريشانين ۾ مبتلا رهندو ته ترقي جا سڀ دعوٰيٰ پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا. اڄ وقت جو سڀ کان وڏو تقاضو اهو آهي ته سياسي ڇڪتاڻ کان مٿانهون ٿي عوام جي درد کي سمجهيو وڃي، سندن مسئلن کي اولين ترجيح ڏني وڃي ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون وڃن جيڪي هر شهري جي زندگي ۾ آساني، اميد ۽ خوشحالي آڻي سگهن، ڇاڪاڻ⁠تہ مضبوط، مطمئن ۽ خوشحال عوام ئي هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ ترقي يافته پاڪستان جي حقيقي ضمانت آهي.

 

You might also like