لاڙڪاڻي ۾15 سال پراڻي خوني تڪرار جو خاتمو ، جيها ۽ ڏاهاڻي قبيلن جي 28 ڏوهارين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ 15 سالن کان جاري خوني قبائلي دشمني جو خاتمو ڪرائي سنڌ پوليس نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي.
صوبائي گهرو وزير موجب، جيها ۽ ڏاهاڻي قبيلن سان واسطو رکندڙ جوابدارن قانون آڏو سرينڊر ڪري چڪا آهن، جڏهن ته هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ انعام رکيل ڏوهاري به شامل آهن.
گهرو وزير چيو ته ٻنهي قبيلن جي 28 جوابدارن هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي قانون حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هڙئي جوابدار عدالتي ڪارروائين کي منهن ڏيندا.
ضياءَ لنجار ٻڌايو ته 15 سالن جي خوني تڪرار دوران 25 قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته ان دشمني سبب 2 هزار ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد ٿي وئي ۽ 3 ڳوٺ اُجڙي ويا.
هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي پوليس جي غيرجانبدار ۽ بنا فرق ڪارروائي ٻنهي قبيلن کي صلح ۽ قانون جي رستي تي آندو.

You might also like