ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت جي اثرائتين پاليسين، ترقياتي رٿائن ۽ سيڙپڪار دوست قدمن جي ڪري سنڌ معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري جو گيٽ وي بڻجندو پيو وڃي، صوبي ۾ جاري ۽ تجويز ڪيل ميگا منصوبا جديد انفرا اسٽرڪچر جو بنياد رکندا، جن جي نتيجي ۾ روزگار، صنعت، تجارت ۽ عوامي سھولتن جي ھڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي، سنڌ حڪومت جي مسلسل ڪاوشن سان صوبو جديد، خوشحال ۽ سيڙپڪاري جو اھم مرڪز بڻجڻ ڏانھن تيزي سان گامزن آھي. پنھنجي ھڪ بيان ۾ هن چيو تھ شفاف طرز حڪمراني، جديد پاليسين، ون ونڊو سھولت ۽ سيڙپڪارن کي سازگار ماحول جي فراھمي جي ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آھي، ھن چيو تھ سنڌ حڪومت صوبي جي معيشت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ايڪسپورٽ ۾ اضافي ۽ صنعتي سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي، ايس ٿري سيوريج منصوبو، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون، ايس باس، ۽ جديد سمارٽ سرويلنس سسٽم جھڙا منصوبا سنڌ جي ترقي جي نئين تاريخ لکندا ۽ سيڙپڪاري کي ھٿي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت ڪراچي جي لاءِ 100 ارب رُپين کان وڌيڪ جامع ترقياتي پيڪيج تي بھ ڪم ڪري رھي آھي، جنھن تحت روڊن، پُلين، پاڻي جي فراھمي، سيوريج، برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ ٻئي شھري انفرا اسٽرڪچر کي جديد بڻايو ويندو،