لاهور (نجم سيٺي) پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ هن وقت هڪ اهڙي خاموش پر فيصلائتي لهر هلي رهي آهي جيڪا اقتدار جي ايوانن جو ڍانچو مڪمل طور تبديل ڪرڻ واري آهي ۽ پردي پٺيان ٿيندڙ اهي تبديليون صرف مقامي سياست تائين محدود ناهن پر انهن جو گهرو تعلق انهن عالمي پراسرار واقعن سان آهي جيڪي سپر پاورز جي وچ ۾ جاري هڪ نئين ۽ خطرناڪ ‘خفيه جنگ’ جو پتو ڏين ٿا جتي هاڻي دنيا هڪ اهڙي ٽڪراءَ ڏانهن وڌي رهي آهي جتي سفارتڪاري جي بدران ‘ٽارگٽڊ اسيسينيشنز’ يعني سياسي قتل فيصلا ڪندا۔ ڪجهه اهڙا حقيقتون سامهون آيون آهن جيڪي عام خبرن جي گرد ۾ دٻجي چڪيون آهن جن موجب پاڪستان جي وفاقي ڪابينا ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي جنهن جو بنيادي مقصد ‘سياست’ جي بدران ‘ڊيليوري’ تي ڌيان ڏيڻ آهي ڇو ته وزيراعظم شهباز شريف تي اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو سخت دٻاءُ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ‘سيمي بيوروڪريٽڪ’ طرز حڪومت جوڙي پئي وڃي جتي مريم نواز جي ‘پنجاب ماڊل’ کي وفاق ۾ به نقل ڪري ‘انڪلز’ يعني تجربيڪار روايتي سياستدانن کي سائيڊ لائين ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته انهن سان مفاد پرست لاڳاپا ۽ ڊگهيون ڪهاڻيون ڪم جي رفتار ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون ۽ انهن کي ‘نه’ چوڻ مشڪل هوندو آهي، تنهنڪري هاڻي بيوروڪريسي، نوجوان چهرا، مملڪتي وزير ۽ ‘ليٽرل انٽريز’ ذريعي آءِ ٽي جهڙين وزارتن ۾ ماهرن کي شامل ڪري نظم و ضبط قائم ڪرڻ آسان بڻايو پيو وڃي جڏهن ته وفاقي وزيرن جي نااهلي جي سڀ کان وڏي مثال قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) جي نجڪاري جو التوا آهي جنهن ڪم کي مهينن ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها اهو ٽن سالن تائين لٽڪيل رهيو ۽ انهيءَ سستي فيصلا ساز قوتن جي صبر جو پيمانو لبريز ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي روايتي وزيرن جي بدران اهڙا ماڻهو آڻڻ تي مجبور ڪيو جيڪي سياسي مصلحتن کان آزاد ٿي اسٽيبلشمينٽ جو ايجنڊا لاڳو ڪري سگهن۔ چيو پيو وڃي ته قومي خزاني تي بار گهٽائڻ لاءِ ڪجهه سڌارا به ڪيا ويندا ڇاڪاڻ ته حڪومتي قدمن جي ڪري عوام وڌيڪ پيڙهجي رهيو آهي، ان کان پوءِ اهڙيون تبديليون اڻٽر آهن، اهو ڏيکاريو ويندو ته حڪومت کي عوام جي مشڪلاتن جو احساس آهي.
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا ۾ اهم تبديليون آڻڻ ۽ نون توڙي نوجوان چهرن کي شامل ڪرڻ بابت مشاورت شروع ٿي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ويجهن ساٿين سان صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ حتمي فيصلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ متوقع آهي.ذريعن موجب، ڪابينا جي ڪيترين ئي اهم وزارتن جون ذميواريون تبديل ڪرڻ تي به غور جاري آهي. موجوده مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني کي وفاقي وزير بڻائي واپار واري وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته بيرسٽر عقيل ملڪ کي به وفاقي وزير بڻائڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي.ان کان علاوه، اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم جي عهدي سان گڏ ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي. ساڳئي ريت محسن نقوي کي پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ رانا ثناءُ الله کي گهرو وزارت ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب، مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر نوشين افتخار جو نالو به ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ غور هيٺ آهي، جڏهن ته ضمني چونڊ ۾ عمر ايوب جي خالي ٿيل سيٽ تان ڪامياب ٿيندڙ بابر نواز کي مملڪتي وزير بڻائڻ جي تجويز پڻ زير غور آهي.نوجوان اڳواڻ اسامه سرور کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت مملڪتي وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ڪجهه اسيمبلي ميمبرن کي به مختلف وزارتون يا مملڪتي وزارتون ڏيڻ بابت مشاورت جاري آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه گهٽ اهم وزارتن مان مملڪتي وزيرن کي فارغ ڪرڻ جي تجويز تي به غور ٿي رهيو آهي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا جو مجموعي انگ گهٽائڻ ۽ قومي خزاني تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف اختيارن جو جائزو ورتو پيو وڃي.ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. خاص طور واپار، صنعت ۽ پيداوار، ۽ آبي وسيلن واري وزارتن جي ڪارڪردگي بابت سوال اٿاريا ويا آهن.ٻڌايو پيو وڃي ته وزيراعظم وٽ گذريل ٻن سالن دوران وزيرن ۽ وزارتن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي رپورٽ موجود آهي. برآمدات ۾ خاطرخواهه واڌ نه ٿيڻ، خاص طور چانور، پٽاٽن ۽ ميون جي برآمدن ۾ گهربل نتيجا حاصل نه ٿيڻ تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب، ڪمزور ڪارڪردگي رکندڙ وزارتن ۾ سڌارا آڻڻ، نيون اصلاحون متعارف ڪرائڻ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ بابت به غور جاري آهي.