ملير (رپورٽ:جميل چانڊيو) جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراھ صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌو درياھ جو پاڻي محفوظ ناهي، وفاق سنڌ جي حصي جو پاڻي زبردستي ۽ ڏاڍ جي بنياد تي کڻي رهيو آهي، سنڌ جون زمينون، ٻيلا ۽ جبل سرڪار وڪرو ڪري پئي، سنڌ مان غير قانوني افغانين کي سرڪار ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب ڌرتي پيرن هيٺان نڪرندي پئي وڃي، سنڌ کي بچائڻ لاءِ سياسي جدوجهد کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، جاري بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جي صورتحال خراب آهي، معصوم نياڻيون اغوا پيون ٿين، پريا ڪماري جو سرڪار ڪو به پتو لڳائي نه سگهي آهي،سنڌي ماڻهون قتل ٿي رھيا آھن، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگرد ۽ اسان جون نياڻيون غير محفوظ ۽ جماعت اسلامي جي وحشي غنڊن جي ور چڙهيل آهن ۽ اڄ سنڌ جو هر ماڻهون پاڻ کي غير محفوظ ٿو سمجهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجهد جو سڏ ڏيان ٿو، ڇاڪاڻ سنڌ کي سياسي جدوجهد ئي بچائي سگهي ٿي.