سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن:زين شاهه

ملير(ڊ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع ملير ڪراچي پاران گلشن حديد ۾ هڪ وڏي قومي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ،ڪارڪنن، سياسي، سماجي، ادبي، واپاري ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران ڪيترن ئي نوجوانن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جڏهن  ته قومي گلوڪار استاد حنيف لاشاري قومي گيت پيش ڪري شرڪت ڪندڙن ۾ قومي جذبو جاڳايو قومي ڪچهري کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان مايوس ڪندڙ دور ثابت ٿي آهي. حڪمرانن سنڌ کي ترقي يافته صوبي بڻائڻ بدران ڪرپشن، اقرباپروري، نااهلي ۽ بدانتظامي جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي هن چيو ته اڄ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جو عوام بنيادي حقن کان محروم آهي. سرڪاري اسڪول تباهه ٿي رهيا آهن، اسپتالن ۾ دوائون موجود ناهن، لکين نوجوان بيروزگار آهن، صنعتون بند ٿي رهيون آهن، آبادگار پاڻي جي کوٽ سبب سخت پريشان آهن ۽ عام ماڻهو مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهيو آهي، پر حڪمرانن کي عوام جي تڪليفن بدران پنهنجي اقتدار ۽ مفادن جي وڌيڪ ڳڻتي آهي هن چيو ته سنڌ جي زمينن، ٻيٽن، سامونڊي وسيلن، ڪوئلي، گئس ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي مسلسل ڌاڙا هنيا پيا وڃن، پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. هن چيو ته  سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي سنڌ کي ريگستان بڻائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته جگديش آهوجا،رمضان ٻرڙو،خادم ٻرڙو،شبير ڏيرو،رضا سنديلو،مصطفيٰ چانڊيو، مخدوم شمس ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو .

 

You might also like