پاڻي کوٽ،ڪرپشن ۽ نياڻين جي اغوا خلاف احتجاج جاري

حيدرآباد/ملير(پ ر)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، اجالا پروين ۽ پريا ڪماري جي اغوا، ڪاروڪاري سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان 32ھين  ڏينھن به ملير ڪراچي جي علائقي شاھ لطيف ٽائون ۾ قومي عوامي تحريڪ مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ،منان شيخ،ڪاشف خاصخيلي، جنسار ھيسباڻي،ھريرام چوھاڻ،محمود رخشاڻي، ايڊوڪيٽ سانول گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا مشعل بردار ريلي مھمداڻي ھوٽل کان ختم نبوت چوڪ تائين ڪڍي وئي. حيدرآباد جي تعلقي لطيف آباد ۾ ڪچي قلعي، مڪراني پاڙي ۽ ڪانچ مل جي علائقن ۾ ڪارنر ميٽنگس ڪيون ۽ بازار، ھوٽلن ۽ دڪانن تي شھرين، واپارين کي ھينڊ بل ڏنا، جنھن جي اڳواڻي الطاف خاصخيلي،نذير بليدي،نور حسن جمالي،بابو سولنگي، جمن سولنگي ۽ٻين ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ ھزارين جي تھذيب جي علامت ۽ 8 ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو ذريعو آھي.  ڊيم ۽ ڪئنال منصوبا ڪروڙين ماڻھن کي قتل ۽ عظيم تھذيب تي حملو آھن،هنن چيو ته حڪمرانن تعليم، صحت، بلديات سميت سڀني کاتن کي بي پناھ ڪمائي ۽ ڪرپشن جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ آھي. هنن چيو ته سنڌ ۾ 16 کان وڌيڪ ٻار اغوا آھن. پريا ڪماري، اجالا پروين، فضيلا سرڪي لاءِ احتجاج ڪندڙ وارثن سان انصاف نٿو ڪيو وڃي

 

You might also like