سمورن شهيدن جي خون جو پلاند وٺنداسين:ايراني سپريم ليڊر

تهران(عوامي آواز نيوز) ايران جي سپريم ليڊر جي پٽ مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي والد شهيد سيد آيت الله خامنه اي جي قتل جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.لکت واري بيان ۾ مجتبيٰ خامنه اي چيو ته سپريم ليڊر جي قتل جو بدلو وٺڻ قوم جو مطالبو آهي ۽ اهو ضرور ورتو ويندو. هن چيو ته هو شهيد اڳواڻ سميت سڀني شهيدن جي خون جو حساب وٺڻ جو عهد ڪري ٿو ۽ ذميوارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.پنهنجي والد جي تدفين ۽ آخري رسمن جي پڄاڻي تي جاري ڪيل پيغام ۾ مجتبيٰ خامنه اي ايران ۽  عراق ۾ لکين ماڻهن پاران شهيد آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.هن چيو ته تهران، قم، نجف، ڪربلا، مشهد سميت ٻنهي ملڪن جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت قومي اتحاد، ثابت قدمي ۽ اسلامي انقلاب سان وابستگي جو واضح اظهار آهي.مجتبيٰ خامنه اي عهد ڪيو ته هو پنهنجي والد جي مشن ۽ رستي کي مڪمل ثابت قدمي سان جاري رکندو

 

You might also like