ڪراچي ،روشنين جي شهر کان دنيا جي بدترين شهرن تائين،ذميواريءَ جو احساس اڻلڀ؟

ڪراچي/اسلام آباد(ارشاد ڀٽي)دي اڪانومسٽ ميگزين جي ذيلي اداري  اڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ  جي ڪراچي بابت رپورٽ کانپوءِ حڪمرانن جا ضمير کين نٿا ملامت ڪن، ته ان کان وڌيڪ بي  حسي ۽ بي رحمي جي ٻي ڪا ڳالهه ٿي ئي نٿي سگهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ان رپورٽ کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي وڃي ها، پشيماني ۽ شرمندگي جو اظهار ڪيو وڃي ها، قوم کان معذرت ڪئي وڃي ها ۽ جهڪيل سرن سان قوم کان معافي گهري وڃي ها. رپورٽ موجب دنيا ۾ رهڻ جي لحاظ کان بدترين شهرن ۾ چوٿون نمبر ڪراچي جو آهي. هي 173 شهرن تي ٻڌل رپورٽ آهي، ۽ 173 شهرن ۾ ڪراچي جو نمبر 170 آهي! شرم جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچي جيڪو ڪڏهن ‘عروس البلاد’ (شهرن جي ڪنوار) چئبو هو، روشنين جو شهر هو، جيڪو ڪڏهن عرب شهزادن جي سيرگاهه ۽ شاپنگ جي جاءِ هوندو هو، اڄ اهو ئي ڪراچي دنيا جي بدترين شهرن ۾ چوٿين نمبر تي آهي. ان جو ذميوار ڪير آهي؟ حڪمرانن،پ پ،ايم ڪيو ايم کي مبارڪ هجي،توهان محنت ڪري روشنين جي شهر کي دنيا جو چوٿون بدترين شهر بڻايو آهي، ڪراچي کان پٺتي ڪهڙا شهر آهن؟ڍاڪا جا مسئلا توهان کي خبر آهن.تريپولي (ليبيا): جتي گهرو ويڙهه  لڳي پئي آهي.دمشق (شام) جيڪو جنگ سٽيل علائقو آهي، هي رپورٽ ڪنهن به شهر ۾ انهن شين کي ڏسي ٺاهي ويندي آهي،استحڪام يعني اتي امن امان جي صورتحال ڪيتري مستحڪم آهي.ثقافت ۽ ماحول ،صحت يعني طبي سهولتون ڪيتريون بهتر آهن.تعليم ،انفراسٽرڪچر جنهن شهر ۾ اهي شيون سڀ کان بهتر هونديون آهن، اهو نمبر ون تي هوندو آهي.ڪوپن هيگن ،ميلبورن سڊني ،زيورخ ،اوساڪام ايڊيليڊ وينڪوور ۽ ٽوڪيو دنيا جا بهترين شهر قرار ڏنا ويا آهن،ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ، بجلي جي لوڊشيڊنگ، روڊن جي خستا حالي، بي هنگم ٽرئفڪ، اسٽريٽ ڪرائيم، چوريون، ڦرون، ڪچرو، مکيون، گندگي سر فهرست آهن،حڪمرانن جي گهرن ۾ ڪڏهن پاڻي کوٽ،لوڊشيڊنگ ناهي ٿي، بلاول هائوس جي آسپاس جا روڊ بلڪل خستا حال ناهن ان  جي اڳيان بي هنگم ٽرئفڪ ناهي هوندي،جڏهن هي نڪرندا آهن ته وي آئي پي روٽ لڳي ويندو آهي، هي ڪراچي اهڙو هو جتي ڪڏهن روڊ ڌوتا ويندا هئا، پوءِ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم آيون ۽ پوءِ جمهوريت اسان کان بهترين انتقام ورتو! هن عوام کان جمهوريت واقعي بهترين انتقام ورتو آهي.پيپلز پارٽي جي گذريل 17-18 سالن جي حڪومت ۾ ڪراچي رهڻ جي لحاظ کان دنيا جو چوٿون بدترين شهر بڻجي ويو آهي.

ڪراچي جي حالت جنگ متاثر شهرن کان به بدتر آهي:مفتاح اسماعيل

ڪراچي(رپورٽر) عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پنجن سالن کان تعمير هيٺ رهندڙ  يونيورسٽي روڊ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪرپشن ۽ نااهليءَ جو واضح مثال بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته ڪراچي جي حالت جنگ متاثر شهرن کان به وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته يونيورسٽي روڊ گذريل پنجن سالن کان مڪمل نه ٿي سگهي آهي، جيڪو پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي تي وڏو سواليا نشان آهي. هن چيو ته هن منصوبي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ سنجيدگي سان نه ورتو ويو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 15 هزار بسن جي کوٽ آهي، جڏهن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر جي اڌ آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر ناهي.هن وڌيڪ چيو ته اردو يونيورسٽي جي استادن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون ادا نه ڪيون ويون آهن، جڏهن وزيراعظم هائوس جي ملازمن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين، وائيس چانسلر، خالد مقبول صديقي ۽ سندس سيڪريٽري کي وقت تي پگهارون ملن ٿيون ته پوءِ انهن غريب استادن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته تازي ليويبل انڊيڪس ۾ دنيا جي 173 شهرن مان ڪراچي جو نمبر 170 آيو آهي، جيڪو شهر جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ گذريل 18 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، تنهن ڪري هاڻي ماضي جي حڪومتن تي ذميواري وجهڻ مناسب ناهي.مفتاح اسماعيل چيو ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار سڀ کان ڪمزور آهي، جڏهن ته صحت ۽ پوليس جي نظام جي حالت به سڀني جي سامهون آهي. هن جي دعويٰ هئي ته گذريل چئن سالن دوران عوام جي سراسري آمدني گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو وڏو سبب حڪومت طرفان لاڳو ڪيل ٽيڪس آهن.هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل چئن سالن ۾ مهانگائي 78 سيڪڙو وڌي آهي، جنهن سبب پگهاردار طبقو سخت معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي،

سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب ڪراچي تباهه ٿيو:ايم ڪيو ايم

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)دنيا جي گهٽ رهڻ لائق شهرن جي فهرست ۾ ڪراچي جي شامل ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان  سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي ان کي انتظامي ناڪامي قرار ڏنو آهي.خانگي ٽي وي موجب، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان چيو ته شهر جا ٽٽل ۽ تباهه حال روڊ، هر هنڌ پکڙيل گندگي ۽ پاڻي جو سنگين بحران پاڪستان پيپلز پارٽي جي بدانتظامي جو کليل ثبوت آهن.ترجمان وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ جا مسئلا شهرين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي شهر کي بنيادي سهولتن کان محروم رکي رڳو دعوائن تائين محدود رهي آهي، جنهن سبب ڪراچي عالمي درجابندي ۾ مسلسل هيٺ لهندو رهيو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي جي معاملن تي سنجيدگي سان ڌيان ڏئي ها ته شهر جي عالمي ساک ايتري متاثر نه ٿئي ها.واضح رهي ته اڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ (EIU) جي تازي رپورٽ موجب، دنيا جي 173 شهرن جي رهڻ لائق هجڻ بابت درجابندي ۾ ڪراچي 170هين نمبر تي آهي.

 

You might also like