”پيٽرول جو اگهه 225 رپيا مقرر ڪيو“ جماعت اسلامي جا سڄي سنڌ ۾ مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) جماعت اسلامي سنڌ پاران مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي پيٽرول جو اگهه 225 رپيا ڪرڻ ۽ پيٽروليم ليوي جي نالي تي ڳري ٽيڪس وصولي خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان موقعي تي شرڪاءَ جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي پيٽروليم ليوي جي نالي تي غنڊه ٽيڪس نامنظور، بجلي، گئس ۽ پيٽرول سستو ڪيو، عوام کي جيئڻ ڏيو، حڪمرانو شرم ڪريو، پنهنجون عياشيون ۽ مراعتون ختم ڪري“ جا نعرا لکيل هئا، جڏهن ته مظاهرين مهانگي پيٽرول، مهانگي بجلي ۽ حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين خلاف زوردار نعري بازي پڻ ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عوام دشمن حڪومت هر جمعي تي عوام مٿان نئون معاشي بار وجهي رهي آهي، پر پنهنجي فضول خرچن ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ هر طبقي جي ماڻهن سان ظلم آهي، حڪومت پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن لڪائڻ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڳرا ٽيڪس ۽ ليوي لڳائي رهي آهي، آءِ ايم ايف جي سهاري ٽيڪس گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته پيٽروليم ليوي جي وصولي عوام سان سراسر ظلم آهي اڄ به عوام کان في ليٽر 80 رپيا ليوي وصول ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي ضلعي لاڙڪاڻي پاران صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد الله بجاراڻي، ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو ۽ مقامي امير رميز راجا شيخ جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي ضلعي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مقامي اڳواڻ عباس ڏاهاڻي، حفيظ الرحمان، نعمت الله سيال ۽ اطهر مجيد تنيو پڻ موجود هئا. امداد الله بجاراڻي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ بدران حڪومت وڌيڪ ٽيڪس لڳائي رهي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي دٻاءَ هيٺ عوام کي رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ مشڪلاتن ۾ ڌڪيو پيو وڃي، حڪومت پنهنجون عياشيون گهٽائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ پنهنجي عياشين لاءِ مهانگين گاڏين ۽ جهازن جو بار عوام تي وڌو پيو وڃي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ باوجود عوام کي فائدو نٿو ڏنو وڃي. جيڪڏهن ليوي گهٽ ڪئي وڃي ته پيٽرول 200 کان 220 رپيا في ليٽر تائين اچي سگهي ٿو. هن مطالبو ڪيو ته عوام کي حقيقي رليف ڏيڻ لاءِ پيٽروليم ليوي فوري طور ختم ڪئي وڃي ۽ عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچايو وڃي، جماعت اسلامي ڪنڌڪوٽ پاران سٽي پارڪ کان پريس ڪلب تائين موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي مولانا رفيع الدين چنا، حافظ شير محمد ميڻڪ، حافظ فاروق چنا ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي سان مهانگائي ۾ به واضح گهٽتائي اچي سگهي ٿي. حڪومت جو 74 رپيا گهٽائڻ عوام مٿان ڪو احسان ناهي، حڪمران عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ نوان طريقا اختيار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جماعت اسلامي عوام جي معاشي حقن لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندي رهندي، جماعت اسلامي ضلعي بدين پاران ضلعي امير سيد علي مردان شاهه جيلاني، جنرل سيڪريٽري عبدالڪريم بليدي ۽ نائب امير الله بچايو هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ تمام وڏي گهٽتائي باوجود حڪومت عوام کي ان جو جائز فائدو منتقل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. پيٽرول تي ڳرن ٽيڪسن ۽ ليوي سبب عوام مهانگو پيٽرول خريد ڪرڻ تي مجبور آهي، هنن مطالبو ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حساب سان فوري طور پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽايا وڃن، پيٽرول ليوي ۽ غيرضروري ٽيڪس ختم ڪيا وڃن، ايل پي جي گيس سرڪاري اگهن تي فراهم ڪئي وڃي ۽ عوام دوست پاليسي اختيار ڪئي وڃ، سانگهڙ ۾ جماعت اسلامي ضلعي سانگهڙ پاران مهانگائي، پيٽروليم ليوي، مهانگي بجلي،  گئس ۽ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، جنهن کي ضلعي امير رفيق منصوري، ضلعي جنرل سيڪريٽري ارشد علي خاصخيلي، مقامي امير ظهير الدين جتوئي ۽ عمير شامل لاکو خطاب ڪيو، جماعت اسلامي نواب شاهه پاران ترازو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي ضلعي امير طارق جاويد، مقامي امير نجف رضا ۽ سرور احمد قريشي خطاب ڪيو، جڏهن ته سڪرنڊ ۾ سئنيما چوڪ تي پڻ احتجاج ڪيو ويو، جماعت اسلامي آفيس کان لکي گيٽ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي مولانا صدرالدين مهر، عبدالواسع سهندڙو ۽ محمود الاهي هڪڙو خطاب ڪيو، پريس ڪلب سکر آڏو ضلعي امير زبير حفيظ شيخ ۽ مقامي امير سرفراز احمد صديقي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ ضلعي امير ابوبڪر سومرو، مقامي امير حاجي ديدار علي لاشاري ۽ جي آءِ يوٿ جي ضلعي صدر اعجاز احمد لاشاري جي اڳواڻي ۾ دفتر جماعت اسلامي قائداعظم روڊ کان ڊي سي چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو الهيار ۾ ضلعي امير آصف ياسين ۽ جنرل سيڪريٽري عاشق خانزادي جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي آفيس فياض ڪالوني کان پريس ڪلب تائين موٽرسائيڪل ريلي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حافظ طاهر مجيد، عقيل احمد، محمد قيوم جي اڳواڻي ۾ جمعي نماز کان پوءِ اورنگزيب مسجد گاڏي کاتو وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ مدني مسجد کان سبزي منڊي چوڪ تائين موٽرسائيڪل ريلي، احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن کي حاجي نور الاهي مغل، ظفر اقبال مجاهد، عاصم شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو، ڪنري ۾ جي آءِ يوٿ پاران ضلعي صدر فاروق خليل کوکر جي اڳواڻي ۾ آمريڪن چوڪ ڪنري ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڄامشوري ۾ جماعت اسلامي ضلعي ڄامشورو پاران پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ۽ ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪوٽڙي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ضلعي جنرل سيڪريٽري حافظ خليل احمد ڪورائي ڪئي، ڪشمور ۾ ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، مقامي امير افضل عطا ڪلوڙ، ذوالفقار ملڪ، خالد سيف الله، دلي جان مزاري، منظور چاچڙ ۽ وزير احمد چنا جي اڳواڻي ۾ عملدار چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊو محمد خان ۾ مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي اقصيٰ مسجد آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي ضلعي امير حافظ لعل محمد سولنگي، مقامي امير پير مسلم جان سرهندي، اڪرم بيگ ۽ ٻين خطاب ڪيو.ان کان سواءِ ٺٽو، شهدادڪوٽ، عرضي ڀٽو، قبو سعيد خان، نوشهروفيروز، کڏڙو، ميهڙ، ڏهرڪي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن کي مقامي اڳواڻن خطاب ڪندي پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ، پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائڻ ۽ عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like