ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيمن جي جهيڙي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم، ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جي جاچ لاءِ پنج رڪني اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي،  ترجمان موجب ڪميٽي جي سربراهي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حسين مهدي ڪندو، جڏهن ته ڊاڪٽر غضنفر، ڊاڪٽر سرفراز ميتلو پروفيسر ڊاڪٽر انتخاب الفت ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نائمه سعيد به ڪميٽي ۾ شامل آهن، ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 15 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري سفارشن سميت پنهنجي رپورٽ سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي کي پيش ڪري، ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس مبينا ٽائون ٿاڻي ۾ زخمي شاگرد جي فرياد تي ڪيترن ئي ڄاتل ۽ اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو جنهن ۾ وڳوڙ ۽ تشدد جون مختلف شقون شامل ڪيون ويون آهن، پوليس موجب واقعي جون سي سي ٽي وي فٽيجز ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي، واقعي کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي ۽ جهيڙي جي سببن ۽ ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جاري آهي.

هڪ ئي ڏينهن اندر سنڌي شاگردن تي ٽي ڀيرا حملا ڪيا ويا: پروفيسر ناهيد پروين

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ناهيد پروين چيو آهي ته تعليمي اداري ۾ ٻن شاگرد ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران کيس به ڌڪ لڳا، پر کيس پنهنجي زخمي ٿيڻ کان وڌيڪ پنهنجي رتو رت شاگردن جي ڳڻتي هئي. هن چيو ته سيڪيورٽي عملي واقعي واري هنڌ تي دير سان پهتو، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي. ناهيد  پروين موجب، اهو ڪو معمولي واقعو نه هو، پر هڪ ئي ڏينهن اندر سنڌي شاگردن تي ٽي ڀيرا حملا ڪيا ويا. هن چيو ته حملو ڪندڙن جو چوڻ هو ته هو شاگردن کي نه ڇڏيندا، ڇاڪاڻ ته هو ”جيئي سنڌ“ جا نعرا هڻي رهيا هئا. ناهيد پروين چيو ته هن پنهنجي شاگردن کي بچائيندي چيو ته ” اسين سنڌ ۾ رهون ٿا، سنڌي آهيون، جيئي سنڌ ضرور چونداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي تي هي پهريون حملو نه آهي، ان کان اڳ به اهڙا واقعا ۽ ڪاهون ٿينديون رهيون آهن.

ڪراچي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي سازش تحت نشانو بڻايو پيو وڃي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ  راحيل ڀٽو ۽ نور نبي پليجو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ انتهاپسند ۽ لساني دهشتگردن پاران سنڌي شاگردن ۽ سنڌي شعبي جي استادن مٿان حملو ڪري کين سخت زخمي ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت نشانو بڻايو پيو وڃي، تعليمي ادارا ڏوهارين جي حوالي ڪيا ويا آهن، جتي نه شاگرد محفوظ آهن ۽ نه ئي استاد، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن ۽ استادن تي حملو ڪندڙ سمورن ڏوهارين کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪٿي به قانون جي رٽ نظر نٿي اچي، ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي ويجهي مائٽ رياض چانڊيو کي سر عام قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽ غلام محمد ۾ هڪ وحشي ڀوپي ٻن معصوم ڀينرن سان ريپ ڪري هڪ نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، ان کان علاوه پير ڳوٺ جي ڪچي ۾ سڱاوتي تڪرار تان 5 ماڻهو قتل ڪيا ويا آهن، پريا ڪماري ۽ اجالا سولنگي سميت 16 معصوم ٻار اغوا ڪيا ويا آهن، جن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلو ۾ وارثن جو مسلسل ڌرڻو جاري آهي پر سنڌ سرڪار جي ڪن تي جون ئي نٿي سري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته پرامن سنڌ کي حڪمرانن مقتل گاهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ جهنگ جو قانون لاڳو آهي، جتي ڪنهن به معصوم ٻار، نياڻي، استاد، شاگرد، صحافي، وڪيل، هاري، مزدور، ننڍي واپاري ۽ آبادگار کي ڪوبه جاني توڙي مالي تحفظ حاصل ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ پوليس حڪمرانن جي ڪمداري ڪرڻ بدران پنهنجو آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن توڙي استادن مٿان حملو ڪندڙ سمورن ڏوهارين کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like