مهانگائي گهٽ نه ٿي ته سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا: حافظ نعيم

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪمرانن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت  225 رپيا في ليٽر نه ڪئي وئي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي نه آندي وئي ته سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا ۽ روڊ بند ڪيا ويندا، لاهور جي اچھره فيروزپور روڊ تي مهانگائي خلاف وڏي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي هن حڪومت کي واضح ڪيو ته آءِ پي پيز مالڪن سان ٿيل معاهدا ختم ڪيا وڃن ۽ بجلي سستي ڪئي وڃي عوام حڪمرانن جي عياشين جو وڌيڪ بار برداشت نٿا ڪري سگهن، جيڪڏهن مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته سڄي قوم روڊن تي نڪري ايندي، احتجاجي جلسي کي لاهور جي امير ضياءُ الدين انصاري، سيڪريٽري اظهر بلال، سيڪريٽري جنرل پنجاب وسطيٰ بابر رشيد ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو، حافظ نعيم الرحمان چيو ته مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، حڪمران پاڻ ڪرپشن ڪن ٿا ۽ پوري قوم تي تڪليفن جا جبل مڙهي کين به ڦرلٽ ۽ بدعنواني ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا، جماعت اسلامي ائين ٿيڻ نه ڏيندي ۽ قوم کي ان جا حق ڏياريندي، هن نوجوانن کي خاص اپيل ڪئي ته هو احتجاج لاءِ تياري ڪن ۽ جڏهن کين سڏ ڏنو وڃي ته پنهنجون موٽر سائيڪلون روڊن تي آڻي ٽرئفڪ بند ڪن، حڪومت عام ماڻهو کان هر ليٽر پيٽرول تي 118 رپيا پيٽروليم ليوي ۽ ٻين ٽيڪسن جي مد ۾ وصول ڪري رهي آهي. ملڪ ۾ پگهاردار طبقو ۽ عام ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا جڏهن ته حڪمران عياشين ۾ مصروف آهن، وزيراعليٰ پنجاب 11 ارب رپين جو جهاز خريد ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن خيبر پختونخواهه ۾ مراعتن وارو بل منظور ڪيو آهي. جيڪڏهن عام ماڻهو جو رت چوسيو ويندو ۽ حڪمران سرڪاري وسيلن جي ڦرلٽ ڪندا رهندا ته اهڙو نظام هلڻ نه ڏنو ويندو، پنجاب ۾ انتهائي خراب حڪمراني آهي، لاهور ۾ 17 اهڙيون شاهراهون آهن جتي موٽر سائيڪل رڪشي کان سواءِ ٻي ڪا به عوامي ٽرانسپورٽ موجود ناهي.

 

You might also like