ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت خصوصي (ايڪسڪليوسو) بس روٽ شروع ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي کان قمبر تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهي فيصلا سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيا ويا، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن، ٽرانس ڪراچي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زبير چنا ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صوبي ۾ جاري ۽ تجويز هيٺ عوامي ٽرانسپورٽ رٿائن، انهن جي آپريشنل معاملن، اڳڀرائي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ڊبل ڊيڪر بسن، اي وي ٽيڪسين، اي وي بسن، پيپلز بس سروس، گرين لائين ۽ اورينج لائين جي آپريشنز جو پڻ جائزو ورتو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت خصوصي ايڪسڪليوسو بس روٽس متعارف ڪرائڻ چاهي ٿي، جن تحت مختلف روٽ خانگي سيڙپڪار ڪمپنين ۽ ماڻھن کي هلائڻ لاءِ فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته انهن خصوصي رستن تي جديد، ايئرڪنڊيشنڊ برقي (اي وي) بسون هلايون وينديون ۽ اهي روٽ نيلامي يا ٻئي جوڳي طريقيڪار وسيلي خانگي سيڙپڪارن جي حوالي ڪيا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ اجلاس دوران پنڪ اسڪوٽين جي غلط استعمال جو پڻ نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته مرد حضرات فوري طور تي پنڪ اسڪوٽيون هلائڻ کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جتي به مرد پنڪ اسڪوٽي استعمال ڪندي نظر اچن، اهي اسڪوٽيون فوري طور سرڪاري تحويل ۾ ورتيون وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته پنڪ اسڪوٽي جو رنگ تبديل ڪرڻ يا ان تي ريپنگ ڪرائڻ وارن خلاف پڻ بنا ڪنهن امتياز جي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.