”ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ڪيس پکڙجڻ سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي“

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ وڏين دعوائن باوجود عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس سامهون اچڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو معاملو آهي، عباسي شهيد اسپتال  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو بجيٽ پيش ڪئي آهي ۽ صحت جي شعبي ۾ وڏي ڪم ڪرڻ جون دعوائون ڪري ٿي، پر حقيقت ۾ 78 معصوم ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي چڪي آهي، جنهن جي تصديق صوبائي وزير سعيد غني پڻ ڪئي آهي، منعم ظفر چيو ته عباسي شهيد اسپتال جي خراب صورتحال جو ذميوار ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب آهي، ينگ ڊاڪٽر ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽر گذريل اٺن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن، پر سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن به سنجيده قدم نه کنيو ويو آهي، منعم ظفر الزام هنيو ته خانگي اسپتالن کي فنڊ جاري ڪيا وڃن ٿا، بلديه عظميٰ جي وڏي اسپتال عباسي شهيد ۽ وليڪا اسپتال کي گهربل وسيلا نه پيا ڏنا وڃن، عوام تي رحم ڪيو وڃي ۽ سرڪاري اسپتالن جي حالت بهتر بڻائي وڃي.

 

You might also like