ٻارڙن جي آزادي لاءِ هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون:ذوالفقار جونيئر

ٻٻرلوءِ (عوامي آواز نيوز) ٻٻرلوءِ ۾ پريا ڪماري، اجالا پروين ۽ ٻين ٻارن جي آزادي لاءِ 13هين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو ويو، جونيئر ذوالفقار ڀٽو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ٻارن جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي واري ڪئمپ  تي پهتو، گم ٿيل ٻارن جي وارثن ذوالفقار جونيئر کي تفصيل ٻڌايا، ٻارن جي وارثن چيو ته ڪيتري ئي وقت کان اسان جا ٻچڙا گم آهن پر حڪومت ڪي قدم نه کنيا آهن، ان موقعي تي ذوالفقار جونيئر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سياسي اڳواڻ هتي نٿا اچن ته شايد اهي به ٻارن جي اغوا ۾ ملوث آهن، سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي گم ٿيل ٻارڙن جي معاملي تي سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي، ٻارڙن جي آزادي لاءِ هر  حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون، جي آءِ ٽيز جوڙڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، ادارا عملي ڪم ڪري ٻارڙن کي بازياب ڪرائن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته معصوم ٻارڙا ڪڏهن کليل گٽرن ۾ ڪري پون ٿا ته ڪڏهن بدفعليءَ جهڙن واقعن جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ٻارڙن جي  تحفظ لاءِ سنجيده ۽ اثرائتا قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پريا ڪماري ۽ ٻيا ٻارڙا آزاد نه ٿيا ته روڊ بند ڪرڻ وارو آپشن به موجود آهي، گم ٿيل ٻارن جي وارثن ۽ پريا ايڪشن ڪميٽي سان گڏ آهيان، روڊ بند ڪنداسين، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ  خلاف ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو لڳو ته ٻارن جي آزادي لاءِ به هتي ڌرڻو جاري رهندو.

 

You might also like