اسلام آباد(بيورو+م ڊ)قومي اسيمبلي جي سامونڊي معاملن بابت اسٽينڊنگ جو اجلاس چيئرمين قادر پٽيل جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي پورٽ جي توسيع، گوادر پورٽ اٿارٽي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم بابت اهم قانون سازي ۽ مستقبل جي رٿابندي تي تفصيلي غور ڪيو ويو.ڪميٽي ڪراچي پورٽ جي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبي لاءِ 300 ايڪڙ زمين سان گڏ ڀرپاسي واري وڌيڪ سرڪاري زمين جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير تجويز ڏني ته صرف 300 نه، پر ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن جي ضرورتن کي سامهون رکندي 600 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وڃي. هن چيو ته منصوبابندي ڊگهي مدي واري هجڻ گهرجي. ڪميٽي هدايت ڪئي ته ڀرپاسي واري سرڪاري زمين ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ الاٽ نه ڪئي وڃي، ڪميٽي جي ميمبر نبيل گبول چيو ته ڪراچي پورٽ جي توسيع لاءِ اڳواٽ رٿابندي، سرڪاري زمين جي حفاظت ۽ قبضا مافيا خلاف اثرائتي ڪارروائي لازمي آهي.اجلاس ۾ گوادر پورٽ اٿارٽي ترميمي بل 2025 تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. سامونڊي معاملن واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته هن بل کي رياستي ملڪيت وارن ادارن (SOE) جي قانون سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته تجويز ڪيل ترميم موجب صرف بلوچستان جو ڊوميسائل رکندڙ شخص ئي گوادر پورٽ اٿارٽي جي بورڊ جو چيئرمين بڻجي سگهندوڪراچي پورٽ ٽرسٽ ترميمي بل 2025 تي غور دوران اهو انڪشاف ٿيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ هڪ ٽرسٽ طور رجسٽرڊ ناهي. ان تي چيئرمين ڪميٽي سوال اٿاريو ته ڇا ادارو غير قانوني طور ڪم ڪندو رهيو؟ قانون واري وزارت وضاحت ڪئي ته پارليامينٽ مان قانون منظور ٿيڻ کان پوءِ رجسٽريشن قانوني رڪاوٽ نٿي رهي. جڏهن ته سيڪريٽري سامونڊي معاملن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا 2024ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کي رياستي ملڪيت وارو ادارو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي. ڪميٽي هن بل تي وڌيڪ غور لاءِ قومي اسيمبلي جي ميمبر حسان صابر جي سربراهي ۾ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن ۾ پولين بلوچ ۽ رومينه خورشيد کي پڻ شامل ڪيو ويو.اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي غيرحاضري تي به ميمبرن ناراضگي ظاهر ڪئي. چيئرمين ڪميٽي ياد ڏياريو ته گذريل اجلاس ۾ سندس شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ڪميٽي گوادر پورٽ اٿارٽي ترميمي بل 2025، پورٽ قاسم اٿارٽي ترميمي بل 2025، سي ڪيريج شپنگ ڊاڪيومينٽس بل 2026 ۽ سامونڊي رستي سان سامان جي منتقلي بابت بل 2026 متفقه طور منظور ڪري ورتا،