ميرپورماٿيلو/ ڏهرڪي (نمائندن وٽان) ميرپور ماٿيلو ۽ ڏھرڪي پوليس پاران مبينه مقابلي دوران ٻن ڏوھارين کي مارڻ ۽ ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، پوليس ذريعن موجب ڏوھاري ڏھرڪي مان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيا ته سندن ڏھرڪي پوليس پيڇو ڪرڻ سان گڏو گڏ ميرپور ماٿيلو پوليس کي اطلاع ڏنو, ميرپورماٿيلو پوليس ڏوھارين جو پيڇو ڪيو ته ميرپور ماٿيلو ويجھو ٻيلو نائچ ڳوٺ ڀرسان ڏوھارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڏوھاري مارجي ويا، مارجي ويل ڏوھارين جا لاش ۽ زخمي ڏوھاري کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو ويو، ٻئي پاسي مارجي ويل ڏوھارين جي سڃاڻپ ليبر ڪالوني واسي غلام نبي موساڻي ۽ اصغر ماڇي طور ٿي آھي جڏھن ته زخمي ڏوھاري جي سڃاڻپ ليبر ڪالوني واسي صابر موساڻي طور ٿي، ھوڏانھن زخمي ڏوھاري صابر موساڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڏھرڪي مان ڦر ڪري نڪتاسين مان موٽر سائيڪل ھلائي رھيو ھيس پوليس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ساٿي ساٿي مارجي ويا آهن.