حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي نتيجي ۾ حالتون انتھائي خراب ٿي ويون آهن 40 سيڪڙو سنڌ ۾ سارين جو ٻيجارو سڙي ويو آهي جنھن جي نتيجي ۾ آبادگارن ۽ هارين جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، پاڻي زندگي ۽ جياپو آهي، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سامونڊي پٽي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن ۽ مال اڃ وگهي مري رهيو آهي. ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعي جي سامونڊي پٽي جي علائقن جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، زير زمين پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جنهنڪري ماڻهن ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن، پيپلزپارٽي وٽ سنڌي ماڻهن جي ترقي جو ڪو به پروگرام نه آهي، اقتدار ھنن جو ڪاروبار آھي.