تهران/واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران خلاف فوجي حملا شروع ڪيا آهن، ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻايو آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب حملا آبناءِ هرمز ۾ ٽن واپاري جهازن تي ايران جي مبينا حملي جي جواب ۾ هئا، جڏهن ته ايران واضح طور تي خبردار ڪيو آهي ته ان کي سخت جواب ڏنو ويندو، آمريڪي حملي کي جارحيت قرار ڏنو.آمريڪي فوج اربع جي صبح ايران خلاف نوان هوائي حملا ڪيا، جنهن کان پوءِ وچ اوڀر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار وڌي ويو آهي.جڏهن ته ايران به جوابي حملا ڪيا آهن، بحرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هوائي خطري جا سائرن وڄايا ويا، جنهن کانپوءِ گهرو وزارت شهرين ۽ رهواسين کي فوري طور محفوظ هنڌن تي پناهه وٺڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ ايراني سرڪاري نشرياتي اداري اعلان ڪيو هو ته بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ايراني ميزائل حملن جو نئون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. اختيارين عوام کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجن گهرن يا ويجهن محفوظ پناهه گاهن ۾ رهن ۽ سيڪيورٽي ادارن جي هدايتن تي عمل ڪن.