سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ عالمي معيار جو امتحاني نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت صوبي جي سمورن تعليمي   بورڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي معيار جو امتحاني نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان بورڊن جي عملي کي آءِ ٽي ماهرن کان خاص تربيت ۽ جديد سامان فراهم ڪيو ويندو، صوبائي وزير يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ سيڪريٽري يونيورسٽيز جي آفيس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز محمد عباس بلوچ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اسماعيل راهو چيو ته روايتي امتحاني نظام بدران اي مارڪنگ جو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، منصوبي جي منظوري لاءِ تجويزون سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيون وينديون، جنهن کان پوءِ تيزي سان عملدرآمد شروع ڪيو ويندو، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان آءِ ٽي ماهر تعليمي بورڊن جي عملي کي جديد ٽيڪنالاجي بابت خاص تربيت فراهم ڪندا.

 

You might also like