اينڪر ريحان طارق لنڊن مان واپسي تي گرفتار،اين سي سي آءِ حوالي

لاهور(بيورو)لاهور جي هڪ عدالت پوڊ ڪاسٽ اينڪر ريحان طارق کي ڇهن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.مقامي ذريعن موجب، ريحان طارق کي اربع جي صبح لنڊن کان پاڪستان واپسي تي اين سي سي آءِ اي گرفتار ڪيو. سندس خلاف پيڪا ايڪٽ جي شق 11-C، 295-A (مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ) ۽ 298 (ڄاڻي واڻي مذهبي  جذبن کي ڏک پهچائڻ) تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته مٿس مذهبي نفرت ڦهلائڻ جو الزام ان پوڊ ڪاسٽ کان پوءِ لڳايو ويو، جيڪو هن مذهبي اسڪالر سيد جواد نقوي سان رڪارڊ ڪيو هو.ڪيس جي متن موجب، ريحان طارق ان انٽرويو دوران مبينا طور اهڙا سوال ڪيا، جيڪي انتهائي حساس ۽ تڪراري فرقي وارين معاملن سان لاڳاپيل هئا. عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران ريحان طارق چيو ته مون کي عدالت ۾ اهڙي نموني پيش ڪيو ويو آهي، ڄڻ مان ڪو انتهائي گهربل جوابدار هجان. مون کي اهو به معلوم ناهي ته مون تي ڪهڙو الزام لڳايو ويو آهي،واضح رهي ته ريحان طارق ان پوڊ ڪاسٽ بابت اڳ ئي سوشل ميڊيا تي عوام کان معافي پڻ گهري چڪو آهي.

 

You might also like