گلگت(عوامي آواز نيوز)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياست جهيڙن ۽ دشمني جو ٻيو نالو بڻجي وئي آهي.گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته گلگت بلتستان جا ماڻهو اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ياد ڪن ٿا، جنهن هن علائقي کي ڊوگرا راڄ کان آزادي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.هن چيو ته هو گلگت بلتستان جي عوام جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو ۽ هتي جي ماڻهن کي آئيني حق ڏياريا ويندا.هن چيو ته هو اهو ڏينهن ڏسڻ چاهي ٿو، جڏهن گلگت بلتستان جا چونڊيل نمائندا ساڻس گڏ قومي اسيمبلي ۾ ويٺل هوندا. هن چيو ته ملڪيت جي حق بابت پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪو واعدو ڪيو آهي، ان تي عملدرآمد ڪيو ويندو، جڏهن ته هتي سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي ڀائيواري ذريعي زراعت کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي.هن چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورائتو آهي، جنهن سندن مينڊيٽ کي تسليم ڪيو، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ مسلم ليگ جي نمائندن به سندن حمايت ڪئي. هن چيو ته ماڻهن کي اهو احساس نه ٿيڻ ڏنو ويندو ته هو حڪومت ۾ آهن يا مخالف ڌر ۾، ڇو ته سڀ گڏجي هن علائقي جي ترقي لاءِ ڪم ڪندا.هن وڌيڪ چيو ته وفاق ۾ جيڪي ڪم گڏجي ڪرڻا آهن، اهي گڏجي ڪيا ويندا. هن چيو ته اها سڀني جي ذميواري آهي ته اهڙو معاشي ماحول پيدا ڪيو وڃي، جنهن سان هتي جي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملن، ۽ سندس خيال ۾ سڀ کان وڌيڪ صلاحيت ۽ ميرٽ گلگت بلتستان ۾ موجود آهي.هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ حڪومت رڳو کٽيندڙن جي نه، پر هارائيندڙن جي به هوندي. ڪنهن به سياسي جماعت کي فرق محسوس ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڇو ته سڀ گلگت بلتستان جا رهواسي آهن. هن اعلان ڪيو ته سياري کان اڳ گلگت بلتستان ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون وينديون.هن وڌيڪ چيو ته هو انهن سپاهين کي سلام پيش ڪري ٿو، جيڪي گلگت بلتستان جي سرحدن تي ملڪ جي حفاظت ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان فوجي سطح تي ڀارت کي شڪست ڏني، جيڪا ڀارت لاءِ قبولڻ ڏکي ثابت ٿي. هن چيو ته پاڪستان هر چئلينج جو جواب ڏيندو، سنڌو درياهه جي معاملي تي ڪو به سودو نه ڪيو ويندو، ۽ جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ان لاءِ به تيار آهي.هن چيو ته سندس منشور حقِ حاڪميت، حقِ ملڪيت ۽ روزگار آهي، ۽ ايندڙ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ به اهو ئي منشور هوندو. هن چيو ته ڪشمير ۾ هڪ نئين نسل پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪجهه گروهه ان کي ٻي واٽ تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن چيو ته ڀارت پنهنجي شڪست قبول نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري هن اسرائيلي نموني تي هلندي پراڪسي جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڀارت افغانستان جي ذريعي پاڪستان ۾ دراندازي ۽ بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر پاڪستان اهڙين سڀني سازشن کي ناڪام بڻائيندو.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه ۽ سنڌ طاس معاهدي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه جي پاڻي جي تحفظ لاءِ جدوجهد يا جنگ به وڙهڻي پئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پوئتي نه هٽندي.هن چيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، پر پاڪستان هر قيمت تي پنهنجي قومي مفادن جو دفاع ڪندو.