سنڌ فارمرز ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026 جي مسودي جو جائزو مڪمل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي پاران "سنڌ فارمرز ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ايڪٽ 2026ع” جي مسودي جو قانوني ۽ انتظامي جائزو مڪمل ڪيو ويو آهي. هي تجويز ڪيل ايڪٽ اڄ  اڱاري ڏينهن منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.ان سلسلي ۾ صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش خان مھر جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو، قانون ۽ گهرو معاملن وارو وزير ضياءَ الحسن لنجار، وزيراعليٰ جي معاون خصوصي راجوير سنگھ سوڍو، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، ايڊيشنل سيڪريٽري قانون، ڊپٽي سيڪريٽري زراعت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي وزير زراعت سردار محمد بخش مھر چيو ته هن قانون تحت گهٽ ۾ گهٽ 8 هاري، جن وٽ مجموعي طور تي 50 ايڪڙ زرعي زمين هوندي، اهي گڏجي "ايگريڪلچرل ڪليڪٽو” (گڏيل زرعي تنظيم) قائم ڪري سگهندا، جڏهن ته ڪاڇو ۽ باراني علائقن لاءِ اها حد 70 ايڪڙ هوندي،تجويز ڪيل قانون موجب 1 کان 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ آبادگارن کي "ننڍو هاري” تصور ڪيو ويندو. سردار محمد بخش مھر وڌيڪ ٻڌايو ته نئين قانون تحت "سنڌ ايگريڪلچرل ڪليڪٽوز ريگيوليٽري اٿارٽي” قائم ڪئي ويندي، جيڪا انهن ڪليڪٽوز جي رجسٽريشن، نگراني ۽ ريگيوليشن جي ذميوار هوندي. هر ڪليڪٽو ۾ هڪ جنرل باڊي ۽ چونڊيل مينيجمينٽ ڪميٽي هوندي، جڏهن ته سڀني ميمبرن کي ووٽ، معلومات تائين رسائي ۽ ٻيا قانوني حق حاصل هوندا. هن نئين قانون جو مقصد ننڍن آبادگارن کي گڏيل وسيلا، جديد زرعي سهولتون، بهتر مارڪيٽنگ ۽ سرڪاري اسڪيمن تائين رسائي فراهم ڪري زرعي شعبي کي مضبوط بڻائڻ آهي.

 

You might also like