اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم سنڌ جي گورنري سميت ٻيا مطالبا ڪري ڇڏيا آهن. ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم سان ملاقات ۾ پنهنجا مطالبا پيش ڪيا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي هڪ وفد اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال، فاروق ستار ۽ امين الحق شامل هئا، جڏهن ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ رانا ثناءُ الله پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ايم ڪيو ايم ذريعن موجب، ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پاران چار نقطن تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته پارٽي وزيراعظم کان شهري علائقن لاءِ ترقياتي پيڪيج جو مطالبو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم مقامي حڪومتن، سنڌ ۾ گورنر شپ ۽ گم ٿيل ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي بازيابي بابت تجويز ڪيل آئيني بل تي به بحث ڪيو. ذريعن موجب، وزيراعظم ايم ڪيو ايم ۽ گم ٿيل ڪارڪنن بابت تجويز ڪيل آئيني بل تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.