ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ جي جسٽس سليم جيسر ۽ جسٽس نثار ڀنڀرو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ٽن گريڊ 19 آفيسرن جي بدلي ۽ عبوري چارج خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ليبر جو صوبائي وزير ۽ چيئرمين ورڪرز ويلفيئر بورڊ سعيد غني عدالت ۾ پيش ٿيودرخواستگذار جي وڪيل چيو ته سعيد غني عدالتن خلاف بيان ڏنو آهي، هن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي، سعيد غني عدالت کي چيو ته اهي ٽي آفيسر ڪرپٽ آهن، 25 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، سعيد غني چيو ته مان ذاتي طور تي يقين رکان ٿو ته ڪرپشن نه ٿيڻ گهرجي ۽ مان ان کي برداشت نٿو ڪري سگهان، جيڪڏهن مون وٽ منهنجي مرضي هجي ها ته مان انهن کي سڌو سنئون برطرف ڪري جيل موڪلي ڇڏيان ها،صوبائي وزير چيو ته پر مان قانون کان مجبور آهيان، مان صرف معطل ۽ ٽرانسفر ڪري سگهان ٿو، جسٽس سليم جيسر رمارڪس ۾ چيو ته اسان اهو به مڃون ٿا ته ڪرپٽ آفيسرن کي سزا ڏني وڃي. جسٽس نثار احمد ڀنڀرو چيو ته پر انهن آفيسرن کي هٽائي لڪ آفٽر چارج ڇو ڏني وئي؟ سعيد غني چيو ته اسان وٽ هن گريڊ جو ڪو به آفيسر ان عهدي لاءِ ناهي،ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ آفيسرن جي کوٽ آهي، انهن کي هٽايو وڃي ها ۽ ڪنهن کي چارج ڏني وڃي ها، عدالت چيو ته توهان کي نوان آفيسر ڀرتي ڪرڻ گهرجن ها يا انهن کي ڪنهن ٻئي کاتي مان گهرايو وڃي ها، پر انهن کي مستقل چارج ڏيو. عدالت چيو ته اسان کي ڪنهن به آفيسر سان همدردي ناهي، پر قانون جي حڪمراني ضروري آهي،سعيد غني چيو ته اوهان کي ڪرپشن خلاف اسان جي مدد ڪرڻ گهرجي، اسان کي رستو ڏيو، عدالت چيو ته توهان پنهنجو نوٽيفڪشن واپس وٺو ۽ قانون مطابق قابل آفيسرن کي چارج ڏيو،اسان کي ڪو اعتراض ناهي.سعيد غني عدالت کي پبلڪ چارج جي نوٽيس جي واپسي جو يقين ڏياريو.عدالت سعيد غني جي خاطري تي درخواست اڪلائي ڇڏي، .ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي فنانس ڊائريڪٽر عبدالباسط، ڊائريڪٽر ويلفيئر احتشام خان ۽ ڊائريڪٽر ورڪس مظفر علي شاهه کي تبديل ڪيو ويو.نوٽيفڪيشن موجب، انهن آفيسرن کي منتقل ڪري عبوري چارج ڏنو ويو آهي، درخواستگذارجي وڪيل چيو ته سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر بورڊ جو هي عمل قانون جي خلاف آهي ۽ ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي،