ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ اسيمبلي ۾تقرير ڪندي مخالف ڌر جي ميمبر راشد خان چيو ته اسان کي به اهو طريقو ٻڌايو ته اسين به ٽي منٽ وڏي وزير جي واکاڻ ڪريون، پوءِ پنهنجن علائقن لاءِ چئون ته هن تي به صحيح ڪريو، هن تي به صحيح ڪريو. اسان کي به اهو طريقو سيکاريو. اسين به چئون ته وڏو وزير تمام سٺو آهي، وڏو وزير بهترين انسان آهي، هن تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. اسين به اها تعريف ڪري وٺون، پوءِ اسان کي به فنڊ ڏئي ڇڏيوهن چيو ته گذريل ارڙهن سالن کان سنڌ جي شهري علائقن، خاص طور انهن علائقن سان، جتي پيپلز پارٽي کي ووٽ نه مليو، اهڙو رويو ڇو اختيار ڪيو ويو آهي؟ انهن ماڻهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو سندن مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن؟هن چيو ته انهن علائقن کي ڇو اها سزا ڏني وڃي ٿي ته اتي ترقياتي ڪم نه ڪيا وڃن؟يا ته اسان کي به اهو طريقو ٻڌايو ته ٽي منٽ وڏي وزير جي تعريف ڪريون، جيئن ٻيا معزز ميمبر پهرين تعريف ڪن ٿا ۽ پوءِ چون ٿا ته هن اسڪيم تي به صحيح ڪريو، هن منصوبي تي به صحيح ڪريو. اسين به تعريف ڪري وٺنداسين، پوءِ اسان جي علائقن جا مسئلا به حل ڪريو.هن چيو ته مون گذريل سال به چيو هو ته سنڌ اندر بابو ڪلچر سنڌ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي.ان جو وڏو مثال اهو آهي ته هڪ سينيئر صوبائي وزير پاڻ عوامي هنڌ تي بيهي چيو ته منهنجي وزارت جا 20 ارب رپيا کاتي جي آفيسرن کائي ويا.هاڻي انهن آفيسرن کان اهو حساب ڪير وٺندو؟ساڳئي وزير چيو هو ته هو اينٽي ڪرپشن کي ايترو فعال ڪندو جو اهي سڀ آفيسر گرفتار ڪيا ويندا.ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ جيڪا ڪرپشن آهي، ان جو اعتراف خود حڪومتي وزير به ڪري رهيا آهن.