پ پ آزاد صحافت کي ماضي جو قصو بڻائي ڇڏيو آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري  ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار ۽ مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته غلام الله جي شهر ۾ صحافي ۽ سياسي ڪارڪن عبدالله چانڊيو ۽ سينيئر صحافي پيرل پياسي  سان پوليس جي ڏاڍ مڙسي جي عوامي تحريڪ مذمت ڪري ٿي. پي پي پنهنجي حڪمراني ۾ آزاد صحافت کي ماضي جو قصو بڻائي ڇڏيو آهي. صحافين کي قتل ڪرڻ، ڊيڄائڻ ڌمڪائڻ، پوليس تشدد حڪومت جو روز جو ڪارونهوار بڻجي ويو آهي. اڳواڻن چيو ته ڪجهه ڏينهن پهريان جڏهن صحافي عبدالله چانڊيو پنهنجي پيشورانه ذميواريون نڀائي رهيو هو، پوليس پروٽوڪول ۾ منشيات سان ڀريل گاڏي کي رڪارڊ ڪري رهيو هو ته پوليس ان کان ڪيمرا کسي، منشيات جي وڊيو ڊليٽ ڪئي ۽ کيس ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. منشيات فروشي جي پوليس پروٽوڪول جي مذمت ڪندي اڳواڻن چيو ته پوليس کي پي پي جي حڪومت پنهنجو ذاتي ملازم بڻائي ڇڏيو آهي، جتي ڪو به صحافي منشيات خلاف، پوليس جي ڪرپشن، پوليس گردي ۽ ڪوڙن مقابلن خلاف لکي ٿو ته ان کي ڌمڪايو ۽ دٻايو وڃي ٿو. اسين غلام الله ۾ عبدالله چانڊيو تي ٿيل پوليس جي غير پيشوراڻي رويي، ڪيمرا کسڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪين جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻي پاسي پوليس جي اهڙي ڏاڍ خلاف قلم ڌڻين احتجاج شروع ڪيو ته پوليس صحافي پيرل پياسي کي گرفتار ڪري سخت تشدد ڪري سندس خلاف ڪوڙو بيان ڏياريو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ٺٽي ضلعي جي نام نهاد چونڊيل نمائندن ۽ پوليس جي سرپرستي سبب ٺٽو ضلعو منشيات جي حوالي سان ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو آهي، سنڌ پوليس ٺٽي ضلعي جي سڃاڻپ ئي منشيات فروشي جي اڏي طور ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ماضي ۾ ٺٽو ضلعو علمي درسگاهن جو ڳڙهه هو پر پيپلز پارٽي جي حڪمرانن ان کي منشيات جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو آهي، جتي اٽي چانور کان وڌيڪ آساني سان گٽڪو، مائو ۽ آئيس جهڙو نشو ملي رهيو آهي. منشيات فروشي خلاف جيڪو لکي ٿو ته پوليس ان خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري ڪوڙا ڪيس ۽ تشدد ڪري رهي آهي. صحافي جان محمد مهر ۽ نصر الله گڏاڻي جا قاتل آزاد گهمي رهيا آهن پر منشيات فروشي خلاف لکندڙ ۽ احتجاج ڪندڙ صحافي پيرل پياسي جيل ۾ قيد آهي، جيڪو سنڌ سرڪار جو شرمناڪ عمل آهي.

 

You might also like