حيدرآباد (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي، زرخيز زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي سوديبازي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي ڏوهاري آهي، پاڻي جي هٿراڌو کوٽ جو بهانو بڻائي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي، هن وقت سنڌو درياهه ۾ واري اڏامي رهي آهي ۽ رڳو حيدرآباد ڊويزن ۾ 11 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي جي کوٽ سبب متاثر ٿي رهيو آھي، ضلعي عھديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج تي 57 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ قدرتي نه بلڪه9191ع واري پاڻي جي ورڇ معاهدي جي ڀڃڪڙي جو نتيجو آهي، جڏهن ته هن وقت به تربيلا، منگلا ۽ چشمه جي ذخيرن ۾ وافر مقدار ۾ پاڻي موجود آهي. بدين، ٺٽو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ سميت پڇڙي وارن ضلعن ۾ ڪپهه، ڪمند، ڪيلي ۽ چانورن جا فصل سخت متاثر ٿي رهيا آهن.