نوشهروفيروز (عوامي آواز نيوز) اين پي پي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته جيڪي به شيون ٿيڻون هيون اهي نه ٿي سگهيون، بجيٽ ۾ ڪٽوتي وغيره ڪري دفاع لاءِ پئسا رکيا ويا، مان سمجهان ٿو ته فيصل واوڊا وڌيڪ باخبر آهي، فيصل واوڊا جيڪو فرمايو آهي جولاءِ ۾ مان ملڪ ۾ نه هوندس، جولاءِ کان پوءِ مان آگسٽ ۾ ايندس، جولاءِ تائين مسئلا ٿي ويا ته ٿي ويندا، فيصل واوڊا چواڻي هاڻي آگسٽ ۾ ڪجهه ٿيندو،نوشهروفيروز ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور احمد جتوئي پنهنجي خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي تي پهتا، عدالت ايندڙ مهيني جي 27 جولاءِ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيستائين پ پ حڪومت ۾ آهي، عوام مٿان مصبيت رهندي، سنڌ جا ماڻهو همٿ ڪري جند ڇڏائن، ممتاز چانڊيو کي خوف آهي ماڻهن کان پ پ جو جهنڊو وسري ويندو، ان ڪري هن ڀتن تي لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي ته جهنڊو گهرن تي لڳل هوندو ته هميشه پ پ ياد رهندي ته پ پ آهي، سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگھار ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪري ھا، ايران – آمريڪا جنگبندي ڪوششن تي فيلڊ مارشل جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي.