سياست ۽ جمهوريت ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ٿيڻ هڪ عام ڳالهه هوندي آهي، پر پاڪستان جي زهريلي سياسي ماحول ۾ اهو هڪ تازي هوا جي جهوٽي ۽ نيڪ شگون وانگر آهي. هر اهو شخص جيڪو ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ۽ جمهوري روايتن جو خواهشمند آهي، ان قدم تي خوش ٿيڻ گهرجي. پاڪستان جي آئين موجب ملڪ جا سڀئي معاملا عوامي راءِ ذريعي حل ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڏو فورم پارليامينٽ آهي، پر گذريل اڍائي سالن کان پارليامينٽ اندر مثبت ڳالهه ٻولهه ۽ اثرائتي مشاورت نه ٿيڻ سبب هي ادارو تقريباً غيرفعال بڻجي ويو هو. وزيراعظم شهباز شريف پاران ڳالهين جي حوالي سان مثبت پيشڪش ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي پاران ان کي قبول ڪرڻ في الحال ڪا وڏي خبر نه آهي، ۽ شايد وڏي خبر بڻجي به نه سگهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت ۽ پارلياماني مخالف ڌر جي سوچن ۾ زمين آسمان جيترو فرق آهي. پر سياست ۽ جمهوريت اهو ئي سيکاريندي آهي ته جنگن کان پوءِ به مستقبل جو رستو ڳالهين وسيلي ئي نڪري ٿو.
انساني تاريخ ۾ جنگين، تڪرارن ۽ اختلافن کان پوءِ مسئلن جو حل ڳالهين کي ئي قرار ڏنو ويو آهي. پهرين عالمي جنگ جو خاتمو ورسائي معاهدي سان ٿيو، جڏهن ته ٻي عالمي جنگ يالٽا ڪانفرنس تي ختم ٿي. ورسائي معاهدو جرمني مجبوريءَ ۾ قبول ڪيو، جنهن ئي اڳتي هلي ٻي عالمي جنگ جي بنياد وڌي. ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان ۽ جرمني بنا ڪنهن شرط جي هٿيار ڦٽا ڪيا، پر پوءِ يالٽا ڪانفرنس ۾ ڊگهي مدي واري امن بابت معاهدا ٿيا. تازو آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ ٿيل جنگ جو خاتمو به هڪ معاهدي ذريعي ٿيو. تنهنڪري، تڪرار ٻاهرين هجي يا اندروني، ان جو حل ڳالهين ۽ معاهدن ۾ ئي لڪل هوندو آهي.
گذريل ڏينهن لاهور ۾ نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جو هڪ کليل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياستدانن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. سڀني شرڪت ڪندڙن جو ان ڳالهه تي اتفاق هو ته ملڪ کي عدم استحڪام مان ڪڍي سياسي استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻ جو واحد رستو ڳالهين مان گذري ٿو. تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جي سرگرم ميمبر محمود مولوي جي تقرير سڀ کان وڌيڪ اهم رهي. هو سڌي ڳالهه ڪرڻ جي حوالي سان مشهور آهن ۽ ساڳئي وقت مقتدر حلقن جي ويجهو به سمجهيا وڃن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف کيس مقتدر ڌرين سان ڳالهين جو مينڊيٽ ڏئي ته هو صرف 90 ڏينهن اندر هڪ باوقار حل ڪڍي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته انهن ڳالهين مان حڪومت جي تبديلي يا انقلاب جي اميد نه رکڻ گهرجي، پر ضرور حالتون معمول تي اچي سگهن ٿيون. ممڪن آهي ته محمود مولوي، اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل، محمد علي دراني، اڳوڻو گورنر چوڌري سرور ۽ چوڌري فواد حسين اهڙي وقت ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن، جڏهن سياسي درياهن ۾ طوفان شدت اختيار ڪري رهيو هجي. نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جي منتظمن حڪومت تي سخت تنقيد ۽ مقتدر ڌرين جي حمايت ڪئي.
اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني جي اختتامي تقرير سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رهي. هن چيو ته نون ليگ وارا تمام هوشيار آهن، جن وڏي چالاڪي سان پنهنجي حڪومت کي "هائبرڊ حڪومت” سڏائڻ شروع ڪيو آهي. سندس خيال موجب جيڪڏهن اهڙي حڪومت ۾ مقتدر ڌريون به حصيدار آهن ته پوءِ جيڪڏهن مخالف ڌر ان جي مخالفت ڪري ته ان کي غدار ۽ ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو. تنهنڪري جيڪڏهن حڪومت هائبرڊ آهي ته مخالف ڌر به هائبرڊ هجڻ گهرجي، تڏهن ئي طاقت جو توازن قائم رهندو ۽ مخالف ڌر آزاد نموني تنقيد ڪري سگهندي. محمد علي دراني وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجون غلطيون مقتدر ڌرين تي وجهي پاڻ کي ذميواريءَ کان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر اهو طريقو گهڻو وقت نه هلندو. اڳوڻي گورنر پنجاب چوڌري سرور چيو ته فيلڊ مارشل ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ بهترين ٽياڪڙي ڪئي آهي، تنهنڪري کيس پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ به ثالث جو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
جيتوڻيڪ نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي وڏي نيڪ نيتي ۽ همدردي سان سياسي تعطل کي ڳالهين ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر تلخ حقيقت اها آهي ته تحريڪ انصاف جي قيادت هن ڪميٽي کي پنهنجو حصو نه پر مخالف سمجهندي رهي آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڪميٽي اهڙو ڇا ڪندي جو تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جو اعتماد حاصل ڪري سگهي ۽ قومي ڳالهين ۾ واقعي مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي.
پارليامينٽ ۾ شروع ٿيل ڳالهين ۾ مخالف ڌر طرفان محمود اچڪزئي، بيرسٽر گوهر ۽ اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر نمايان نظر آيا. محمود اچڪزئي کي پاڻ عمران خان مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻايو هو، جڏهن ته بيرسٽر گوهر کي قانوني طريقي سان پارٽي چيئرمين چونڊرائڻ جي پويان به عمران خان جو ڪردار هو. اسد قيصر به عمران خان جا پراڻا ۽ وفادار ساٿي آهن، پر تحريڪ انصاف جي سخت گير ڌڙي کي انهن ٽنهي اڳواڻن جي قيادت تي تحفظات آهن. جيڪڏهن سڀاڻي ڳالهين جو عمل اڳتي وڌيو ته اهي ئي سخت گير ڌڙا پارٽي اندر موجود نرم روين وارن ماڻهن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.
تحريڪ انصاف جو اصل مسئلو اهو بڻجي ويو آهي ته جيڪو به شخص حڪومت يا مقتدر ڌرين سان رابطو رکي ٿو، اهو سخت گير حلقن جي نظر ۾ مشڪوڪ بڻجي وڃي ٿو، ۽ پوءِ هڪ طرفي پروپيگنڊا ذريعي کيس ڪنڊ ۾ لڳايو وڃي ٿو. شاهه محمود قريشي جو ذاتي وقار ۽ سياسي وزن کيس مقتدر ڌرين سان ڳالهين لاءِ مناسب شخص بڻائي سگهي ٿو، پر هو ان ڊپ سبب جيل کان ٻاهر اچڻ نٿا چاهين ته متان کين به جيل ڪاٽڻ باوجود غدار يا مقتدر ڌرين جو حمايتي قرار ڏنو وڃي. جڏهن شاهه محمود قريشي جهڙو اڳواڻ به ڪجهه يوٽيوب چينلن جي دٻاءَ سبب دل جي ڳالهه نه ڪري سگهي، ته پوءِ نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي يا پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهن لاءِ دٻاءُ محسوس ڪرڻ فطري ڳالهه آهي.
حقيقت اها آهي ته ڀلي غداري، وفاداري وڪڻڻ يا لفافو وٺڻ جا الزام لڳن، پر مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي. سياست ۽ جمهوريت ۾ هٿيار کڻي يا ڌمڪيون ڏئي ڪو فيصلو نٿو ڪرائي سگهجي.
9 مئي جهڙن واقعن، احتجاجن ۽ ساڙ ڦوڪ واري پاليسي تحريڪ انصاف کي فائدي بدران نقصان پهچايو آهي. پارٽي کي انتهاپسندي ۽ جارحيت جي راهه تي آڻيندڙ ڪيترائي سخت گير اڳواڻ ٻاهرين ملڪن ۾ محفوظ ويٺا آهن، جڏهن ته جيل جون سختيون عمران خان يا پاڪستان ۾ موجود سندس ساٿي ڀوڳي رهيا آهن. تنهنڪري فيصلو ڪرڻ جو اختيار به ملڪ اندر موجود عمران خان جي نامزد ڪيل اڳواڻن وٽ هجڻ گهرجي، نه ڪي ٻاهر ويٺل هدايتڪارن وٽ. هن وقت تحريڪ انصاف جي عملي قيادت عليمه خان سنڀالي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان سان نه سڌو رابطو آهي ۽ نه ئي ڪو اهڙو ذريعو آهي جيڪو کين مڪمل صورتحال کان آگاهه ڪري. عمران خان کي ويجهي کان سڃاڻندڙ ماڻهو چون ٿا ته "خان ته خان آهي، پر سندس ڀيڻ کي ڊيڍ خان سمجهيو وڃي ٿو.” ممڪن آهي ته عمران خان سان ڳالهيون ڪامياب ٿي وڃن، پر "ڊيڍ خان” سان اهو ڪم آسان نه هوندو.
محمود خان اچڪزئي ڳالهين لاءِ هڪ بهترين ۽ مناسب شخص آهن. حڪومت ۽ مقتدر ڌرين کي به گهرجي ته هو پنهنجي طرفان ڪو معتبر ۽ معزز نمائندو مقرر ڪن، جيئن واقعي سنجيده ۽ بامعنيٰ ڳالهين جو آغاز ٿي سگهي. برف جيڪا هاڻي ڳري رهي آهي، اها وري سياري ۾ ٻيهر ڄمي نه وڃي؛ بهتر اهو ٿيندو ته اونهاري ۾ ئي هن ڳريل برف مان فائدو وٺي سياسي وهڪرو جاري رکڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.