قاسم آباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ عورت اڳواڻ جي گهر تي حملو، تشدد

حيدرآباد (رپورٽر/پ ر) آمريڪا ۾ رهندڙ صحافي امتياز چانڊيو جي ڀيڻ جي گھر تي بااثر ماڻھن جو حملو، نياڻيون ۽ پٽ زخمي،  جوابدار فرار، نسيم نگر پوليس چيڪ پوسٽ جي حد نسيم پلازا ۾ رھندڙ افشين چانڊيو جي گھر تي 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن ڪاھ ڪري حملو ڪيو، حملي ۾ امتياز چانڊيو جي ڀيڻ افشين چانڊيو، ڌيئرون ۽ پٽ زخمي ٿي پيا، واقعي بعد زخمين کي نسيم نگر ٿاڻي تي آڻي ليٽر ڏئياسپتال منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ افشين چانڊيو جو چوڻ هو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسان کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ان خلاف پلازا جي يونين کي ڪافي ڀيرا شڪايتون به ڪيون آھن ۽ ڪورٽ ۾ هراسمينٽ جي درخواست ڏني جنهن بعد هنن ڪورٽ ۾ معافي نامو پيش ڪيو پر هنن هراسمينٽ جو سلسلو بند نه ڪيو ۽ اسان کي مسلسل پريشان ڪيو پيو وڃي، ڪالهه صبح جو 15 کان وڌيڪ ماڻهن گھر تي حملو ڪري منهنجي مڙس، ڌيءَ ۽ پٽ کي زخمي ڪيو آھي، هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ته بااثر ماڻھن خلاف  ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي، چيڪ پوسٽ انچارج ظھير سولنگي جو چوڻ هو ته گھر تي حملي ۾ ملوث ڪجھه ماڻھن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، فريادين جي اچڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي حيدرآباد قاسم آباد جي نسيم شاپنگ مال فليٽ ۾ هڪ گهر تي نشي جي عادي جوابدارن جي حملي کان پوءِ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي سنڌو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان شاهين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون عورت اڳواڻ سول اسپتال پهتيون، تشدد جو نشانو بڻيل افشين کي سياسي ۽ قانوني مدد ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، عوامي تحريڪ عورت اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ نياڻيون غير محفوظ بڻيل آهن، پوليس تماشائي بڻيل آهي، هڪ نياڻي ۽ سندس نوجوان ڌيئرن، پٽ ۽ مڙس تي غنڊن قاتلاڻو حملو ڪيو، حملي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪن افشين چانڊيو ۽ سندس ٻارن تي قاسم آباد ۾ نسيم شاپنگ مال ۾ فليٽ اندر گهڙي قاتلاڻو حملو ڪري سخت زخمي ڪيو ويو، پوليس پاران اڃان تائين ڪا به قانوني ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثر خاندان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like