ڪوئيٽا (م ڊ) جماعت اسلامي جي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر ۽ گوادر حق ڏيو تحريڪ جي اڳواڻ مولانا هدايت الرحمان ايوان ۾ خطاب ڪندي وفاقي پاليسين، وسيلن جي ورڇ ۽ سي پيڪ منصوبن تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن چيو ته سوئي گيس، رڪورڊڪ، چاندي، گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ جهڙا وڏا وسيلا وفاق کڻي ويو آهي، پر ان باوجود بلوچستان کان اميد ڪئي وڃي ٿي ته هو اسلام آباد جو شڪريو ادا ڪري.هن موٽرويز تي خرچن جو حوالو ڏيندي سوال اٿاريو ته 5000 ارب رپيا موٽروي تي خرچ ڪيا ويا، پر بلوچستان کي ان جو ڪيترو حصو مليو. سندس مطابق بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کان اڳ وسيلن جي ورڇ آبادي بدران ايراضي جي بنياد تي ڪئي ويندي هئي، پر بعد ۾ آبادي کي بنياد بڻائي نظام تبديل ڪيو ويو، ڇو ته هاڻي پنجاب جي آبادي وڌيڪ ٿي وئي هئي، جڏهن ته بلوچستان جي ايراضي وڌيڪ هجڻ باوجود ان کي اهو حصو نه مليو، جيڪو ان جي حصي ۾ اچڻ گهرجي ها. مولانا هدايت الرحمان هڪ وفاقي وزير جي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته مون کي چيو ويو ته جيڪڏهن پنجاب جيترا وسيلا وٺڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي آبادي وڌايو، پر اصل سوال اهو آهي ته سي پيڪ جو معاهدو پنجاب جي آبادي جي بنياد تي ٿيو يا بلوچستان جي جاگرافي جي ڪري. هن چيو ته ڇا اقتصادي راھداري پنجاب لاءِ هئي يا گوادر ۽ بلوچستان جي اسٽريٽجڪ حيثيت ان جي اصل سبب هئي. هن چيو ته جڏهن سوال ڪيو وڃي ٿو ته بلوچستان کي سي پيڪ مان ڇا مليو، ته جواب ملي ٿو ته گوادر پورٽ، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ گوادر ايڪسپريس وي جهڙا منصوبا مليا، پر انهن جو ڪهڙو فائدو جڏهن مقامي ماڻهن کي وڃڻ جي به آزادي ناهي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ جي پئسن سان پنجاب ۾ لاهور اورنج ٽرين، ساهيوال، جهلم ۽ بهاولپور جي پاور پلانٽن سميت وڏا منصوبا لڳايا ويا. هن چيو ته جيڪڏهن سي پيڪ بلوچستان جو به گڏيل منصوبو هو ته اتي موٽرويز، توانائي جا منصوبا، بجلي گهر ۽ بنيادي انفراسٽرڪچر ڇو نه ٺاهيو ويو. سندس مطابق بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بدران چيڪ پوسٽون ٺاهيون ويون. هن لاهور اورنج ٽرين جي منصوبي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته صرف ان هڪ منصوبي تي 260 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته بلوچستان جو ساليانو ترقياتي بجيٽ 206 ارب رپيا آهي. هن سوال اٿاريو ته ڇا اورنج ٽرين وڌيڪ ضروري هئي يا بلوچستان ۾ تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ وڌيڪ اهم هو. سندس مطابق جيڪڏهن پنجاب وٽ پنهنجا وسيلا آهن ته پوءِ سي پيڪ جا فنڊ اتي ڇو استعمال ڪيا ويا.مولانا هدايت الرحمان موٽرويز بابت چيو ته ملڪ ۾ موٽرويز تي 5000 ارب رپيا خرچ ٿيا، پر بلوچستان کي ان ترقياتي نيٽ ورڪ ۾ نظرانداز ڪيو ويو. هن سوال ڪيو ته بلوچستان ۾ آخر ڪيترو سرمايو لڳايو ويو. مولانا هدايت الرحمان حڪومتي ميمبرن تي تنقيد ڪندي چيو ته اسان جا ساٿي هميشه وفاق جي وڪالت ڪن ٿا ۽ اهو عذر پيش ڪن ٿا ته جيڪڏهن وفاق فنڊ نه ڏئي ها ته اسان وٽ ڪجهه به نه هجي ها. هن سوال اٿاريو ته بلوچستان حڪومت هن غيرت مند صوبي کي خيرات تي ڇو هلائي رهي آهي؟ حڪمران وفاق بدران بلوچستان جا سچا فرزند بڻجن ۽ پنهنجو فرض سڃاڻن. هن پيٽرول جي بچت وارن فنڊز وٺڻ تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسلام آباد جي پيٽرول بچت جا پئسا انهن جي منهن تي هنيا وڃن، اسان کي اها امداد نٿي گهرجي. اسان کي پيٽرول بچت بدران سي پيڪ، رڪودڪ، گيس ۽ سيڊنڪ منصوبن سميت بلوچستان جا سمورا جائز وسيلا ۽ حق ڏنا وڃن. هن چيو ته اسلام آباد جا حڪمران بلوچستان جي عوام سان تعصب ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جا جائز حق نٿا ڏنا وڃن. سندس مطابق صوبي جو 206 ارب رپين جو ترقياتي بجيٽ موجود آهي، پر ان جي استعمال ۽ شفافيت تي به سوال اٿن ٿا. بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر صوبائي ترقياتي بجيٽ ۽ فنڊز جي غير منصفاڻي ورڇ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صوبي جو ڊيولپمينٽ بجيٽ 206 ارب رپيا آهي، پر سوال اهو آهي ته ان جو ڪيترو سيڪڙو واقعي عوام تي خرچ ٿئي ٿو؟ هن مطالبو ڪيو ته واضح ڪيو وڃي ته هن بجيٽ مان ڪيترو پئسو ڪرپشن ۽ ڪميشن جي نظر ٿي وڃي ٿو.سرڪاري سطح تي جشن ۽ آتشبازي تي ڪروڙين رپين جي خرچن تي سخت تنقيد ڪندي هن چيو ته هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي ڪينسر جا مريض دوائن لاءِ تڙپي تڙپي مري رهيا هجن، اتي حڪمرانن کي عوامي پئسن سان آتشبازي ڪرڻ جو ڪو حق ناهي. جيڪڏهن شوق آهي ته آتشبازي جا خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن عوام جي علاج لاءِ 10 لک رپين جون دوائون گهريون وڃن ٿيون ته بجيٽ جي کوٽ جو بهانو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ٻئي پاسي 10 ڪروڙ رپين جو آتشبازي جو بل فوري طور منظور ٿي وڃي ٿو. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته حڪومت وٽ سير سفر، محفلن ۽ جشنن لاءِ ته وڏي رقم موجود آهي، پر صوبي جي غريب ٻارن جي تعليم ۽ صحت لاءِ پئسا ناهن۔