اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ سينيٽر ڊاڪٽر زر قا سهروردي چيو آهي ته سمجهه نٿي اچي. هن بجيٽ جي تعريف ڪٿان ڪجي يا بدتعريفي ڪٿان شروع ڪجي.عمران خان کي ٽن سالن کان جيل ۾ رکيو ويو آهي، اهو اهڙو گرهه آهي جيڪو نه هضم ٿيندو، نه ٻاهر ايندو، نه اندر ويندو،سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته هاڻي اوهان کي سمجهه نٿي اچي ته کيس جيل ۾ رکون يا علاج ڏيون يا نه ڏيو، ڇو ته جيڪڏهن اوهان اڳ ۾ سهولتون ڏنيون هجن ها ته اڄ اوهان کي هي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها،هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستان جي سٺي پذيرائي ٿي رهي آهي، اسان الحمدلله آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو پر ملڪ اندر مسئلا ڪيئن حل ڪندؤ؟معيشت هلي نٿي، اوهان بار بار قرض وٺو ٿا. سمجهه نٿي اچي ته هي گورک ڌنڌو ڪٿي وڃي ٿو، پر حقيقت سڀ کي خبر آهي ته پيسا ڪٿي وڃن ٿا.هن چيو ته اوهان فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي سيون-اي ختم ڪري ڇڏيو. ڇو ختم ڪيو؟ اهو ٽيڪس جائدادن جي وڪري تي هوندو هو. غريب ماڻهو کي ڪو فائدو نه هو، پر اميرن کي فائدو هو.سپر ٽيڪس گهٽائي ڇڏيو. ڪهڙي لاءِ؟ ڪارپوريشنون ۽ وڏيون ڪمپنيون فائدو وٺن ٿيون،هن چيو ته ڪريڊٽ ڪارڊ تي ٻاهر ملڪ ۾ خريداري تي ٽيڪس گهٽائي ڇڏيو. ڪهڙو غريب ماڻهو ٻاهر وڃي ٿو خريداري ڪرڻ؟ٻاهرين جائدادن تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو. اهي به اميرن لاءِ هو.انٽرنيشنل ٽڪيٽن تي ٽيڪس گهٽ ڪيو. بزنس ڪلاس تي سهولتون ڏنيون ويون. غريب ماڻهو ڪڏهن بزنس ڪلاس ۾ وڃي ٿو؟هاڻي غريب ماڻهو لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟هن چيو ته آبادي تي ڌيان ڏيو. ملڪ جي آبادي وڌي رهي آهي،هن چيو ته بجلي جو بل ڏسو. ٩ هزار روپيا بل آهي غريب ماڻهو جو خون نچوڙيو پيو وڃي.شمسي توانائي تي به ٽيڪس لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته دنيا شمسي توانائي ڏانهن وڃي رهي آهي هن چيو ته آخر ۾ مان اهو چونديس ته هن ملڪ ۾ هر حڪومت اچي ٿي، پر عوام جي حالت ساڳي رهي ٿي. جيڪڏهن هاڻي به تبديلي نه آئي ته پوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون.