اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان، وزيراعظم طرفان اعلان ڪرڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ بعد رليف جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، ذريعن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي معاهدي کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي جنهن جو فائدو پاڪستاني عوام تائين منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي، پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ موجب وزيراعظم جي هدايت تي پيٽروليم قيمتن لاءِ شفاف هفتيوار فارمولو ٺاهڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب 20 جون کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي، جيڪا 55 رپيا في ليٽر تائين ٿي سگهي ٿي، وزيراعظم پيٽروليم وزارت کي 7 مارچ تي ٿيل قيمتن ۾ واڌ جو ازالو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.