اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس بابت مختصر فيصلو جاري ڪندي محمد زبير عرف چريا ۽ عبدالرحمان عرف ڀولا کي سمورن الزامن مان بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ملڪ شهزاد احمد خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ 10 جون تي مختصر فيصلو ٻڌايو هو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ دهشت گردي ٽوڙ عدالت جا فيصلا رد ڪيا ويا، عدالت قرار ڏنو ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي تنهنڪري شڪ جو فائدو ڏيندي ٻنهي جوابدارن کي بري ڪيو ويو، مختصر فيصلي موجب جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻي ڪيس ۾ گهربل نه هجن ته کين فوري طور آزاد ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ چيو ته پراسيڪيوشن مبينا واقعي جو محرڪ به ثابت نه ڪري سگهي.