ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ملڪ ۾ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ٿيندڙ ايم ڊي ڪيٽ 2026 جي شيڊيول ۽ رجسٽريشن پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي ايم ڊي سي موجب، ايم ڊي ڪيٽ 16 آگسٽ 2026 آچر جي ڏينهن صبح 10 وڳي ٿيندي، جڏهن ته اميدوارن لاءِ آن لائن رجسٽريشن 22 جون کان شروع ٿيندي جيڪا 8 جولاءِ تائين جاري رهندي، ليٽ فيس سان رجسٽريشن 13 جولاءِ تائين جمع ڪرائي سگهبي.
پي ايم ڊي سي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي رجسٽريشن فيس 9 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ليٽ رجسٽريشن فيس 13 هزار رپيا هوندي ۽ بين الاقوامي ٽيسٽ سينٽرن لاءِ رجسٽريشن فيس 45 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
پي ايم ڊي سي واضح ڪيو ته سموريون فيسون ناقابل واپسي ۽ ناقابل منتقلي هونديون.
سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو انعقاد سکر آءِ بي اي يونيورسٽي، پنجاب ۾ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور، خيبرپختونخواهه ۾ خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پشاور ۽ بلوچستان ۾ بولان يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڪوئيٽا تحت ڪيو ويندو.
اسلام آباد، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ رياض ۾ امتحان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ٿيندو.
پي ايم ڊي سي موجب، سنڌ جا اميدوار ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ قائم مرڪزن ۾ امتحان ڏئي سگهندا، جڏهن ته پنجاب جا اميدوار 14 مختلف شهرن ۾ ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪندا.
خيبرپختونخواهه ۾ پشاور، مردان، سوات ۽ ايبٽ آباد سميت 8 شهرن ۾ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته بلوچستان جا اميدوار ڪوئيٽا ۾ امتحان ڏئي سگهندا.
بين الاقوامي اميدوارن لاءِ رياض ۾ ٽيسٽ سينٽر قائم ڪيو ويندو.
پڌرائيءَ موجب، هڪ ڀيرو چونڊيل امتحاني مرڪز کانپوءِ ۾ تبديل نه ڪري سگهبو.
ايم ڊي ڪيٽ 180 ايم سي ڪيو ايس تي ٻڌل هوندو ۽ امتحان ۾ نيگيٽو مارڪنگ نه هوندي، غلط جواب ڏيڻ تي اميدوارن جا نمبر نه ڪٽيا ويندا.
ان کانسواءِ اميدوارن کي ايم ڊي ڪيٽ پورٽل ذريعي آن لائن رجسٽريشن مڪمل ڪرڻي پوندي، جڏهن ته اڻپوريون درخواستون قبول نه ڪيون وينديون.
ايم ڊي ڪيٽ جو سليبس ۽ ٻيا تفصيل پي ايم ڊي سي جي ويب سائيٽ تي موجود هوندا.
پي ايم ڊي سي اهو به واضح ڪيو آهي ته ضرورت پوڻ تي امتحاني شيڊيول ۾ تبديلي جو اختيار ڪائونسل وٽ محفوظ هوندو.