ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ ۾ ڪراچي جي ترقي لاءِ وڏي پئماني تي فنڊ مختص ڪيا آهن، جيڪي شهر جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندا. هڪ بيان ۾ هن چيو ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جهڙا ميگا منصوبا ڪراچي جي ٽريفڪ مسئلن جي حل ۽ شهري رابطن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙيءَ طرح ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد ڪوريڊور منصوبو بندرگاهي ۽ واپاري ٽريفڪ جي رواني کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو، جنهن سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملندي. هن چيو ته ڪراچي جي بلدياتي ۽ شهري سهولتن جي بهتري لاءِ به بجيٽ ۾ خاص توجهه ڏني وئي آهي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي مالي طور وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ لڳ ڀڳ 13 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا آهن. شهر ۾ مرمت ۽ بحالي جي ڪمن لاءِ ڏيڍ ارب رپيا، جڏهن ته برساتي نالن ۽ اسٽارم واٽر ڊرينز جي صفائي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن ته جيئن مون سون دوران شهرين کي ڏکيائين کي منهن نه ڏيڻو پوي.