محرم الحرام جي سيڪيورٽي انتظامن ۾ لاپرواهي ناقابل برداشت هوندي:ضيا لنجار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير  ضياالحسن لنجار جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ محرم الحرام 1448ھ/2026ع دوران امن ۽ امان جي صورتحال ۽ سيڪيورٽي انتظامن  بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبي ڀر ۾ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي اپاءُ، ڪنٽيجنسي پلان، انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن، جلوسن ۽ مجلسن جي تحفظ ۽ هنگامي ريسپانس ميڪنزم جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سنڌ جي گهرو وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته محرم الحرام دوران امن ۽ امان قائم رکڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ضلعن، جي رينجرز ۽ پوليس زونز کي پنهنجو سيڪيورٽي پلان، ڪنٽيجنسي اپاءُ ۽ ريسپانس ميڪنزم وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ گهرجي. هن هدايت ڪئي ته حساس جلوسن، مجلسن ۽ مذهبي اجتماعن جي سيڪيورٽي تي خاص توجه ڏني وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو بريفنگ ڏني.

 

You might also like