لاهور/ڪراچي(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان، پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي لاءِ (اڄ) جمعي ڏينهن ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪندي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته ملڪ جي چئن ئي صوبن ۾ ڊگها ڌرڻا ڏنا ويندا.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو، هن مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمت فوري طور 225 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وڃي، پيٽرول تي لاڳو ليوي ختم ڪئي وڃي ۽ ايندڙ ٽن سالن لاءِ قيمتون منجمد ڪيون وڃن. هن چيو ته اٽو، کنڊ ۽ آءِ پي پيز مافيا اجاره داري قائم ڪري ويٺا آهن ۽ کين ڪو پڇڻ وارو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پگهاردار طبقي کان 600 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مراعات يافته طبقو اڃا تائين محفوظ آهي.هن ججن، جرنيلن ۽ سول بيوروڪريسي کي به اپيل ڪئي ته هو اڳتي اچن ۽ پنهنجون مراعتون گهٽائين. هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا چيو آهي ته امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان پاران "پيٽرول جي قيمت 225 رپيا 3 سالن لاءِ مقرر ڪريو” تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ جمعي 19 جون تي احتجاج جي سڏ تي سموري سنڌ ڪراچي کان ڪشمور تائين ضلعي هيڊڪوارٽرن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو انهن احتجاجي مظاهرن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجي سجاڳي ۽ شعور جو ثبوت ڏين.