اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ تي متفق آهن. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ تصديق ڪئي ته اسان گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) سان اتفاق ڪيو آهي، ۽ گورنر ۽ ڊپٽي اسپيڪر بابت هڪ معاهدو ٿيو آهي. نويد قمر چيو ته گورنر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جا عهدا مسلم ليگ (ن) وٽ ويندا، جڏهن ته گلگت بلتستان جو وڏو وزير پيپلز پارٽي جو هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪالهه پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت جي وچ ۾ ملاقات ۽ رابطن کان پوءِ حڪومت ٺاهڻ تي هڪ معاهدو ٿيو. ذريعن موجب، پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ مسلم ليگ (ن) جي ووٽن سان پنهنجي حڪومت ٺاهيندي. ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر به هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ۾ تصديق ڪئي آهي ته گلگت بلتستان ۾ حڪومت جي جوڙجڪ تي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) حڪومت جو حصو نه هوندي پر سياسي مدد فراهم ڪندي، جڏهن ته اهم آئيني ۽ انتظامي عهدن جي ورڇ تي به هڪ معاهدو طئي ٿيو آهي.