ڪراچي (رپورٽر ). سنڌ حڪومت جي مختلف ادارن جي رٽائرڊ ملازمن طرفان بجيٽ ۾ پينشن ۾ واڌ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبليءَ تائين احتجاجي ريلي جي اعلان بعد پوليس ڪراچي پريس جي چوڌاري ۽ سنڌ اسيمبليءَ طرف ويندڙ سمورا رستا صبح سان بند ڪري ڇڏيا، ان ڪري احتجاج ڪندڙن رٽائرڊ ملازمن جو وڏو تعداد پهچي نه سگهيو ۽ چو طرف پوليس جي سخت ناڪابندي ڪري ڪراچي پريس ڪلب پهتل ملازمن به پنهنجو احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو.