اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ثالث طور صحيون ڪري ڇڏيون آهن.
رپورٽ موجب وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ثالث جي حيثيت ۾ صحيون ڪيون آهن.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جون صحيون پڻ موجود آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرانس ۾ صدر ايمانوئل ميڪرون سان عشائيي دوران آمريڪا-ايران مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون هيون.
ٻئي پاسي ايراني سرڪاري ميڊيا طرفان صدر مسعود پزشڪيان جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن، جن ۾ هو مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪندي نظر اچي رهيا آهن.