اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن لاءِ هفتيوار فارمولو تيار ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم، فيلڊ مارشل، پرڏيهي وزير ۽ گهرو وزير جون سفارتي ڪوششون هاڪاري نتيجا ڏئي رهيون آهن.
هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو فائدو فوري طور عوام تائين منتقل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن لاءِ هفتيوار فارمولو تيار ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
علي پرويز ملڪ موجب نئين فارمولي سان عوام اگهن ۾ واڌ يا لاٿ جا سبب آساني سان سمجهي سگهندا، جڏهن ته اهو فارمولو سڀني لاڳاپيل ڌرين سان مڪمل مشاورت کانپوءِ تيار ڪيو ويندو.