پيٽرول اگهه گهٽايو، جماعت اسلامي پاران سڀاڻي احتجاج جو اعلان

ڪراچي/ لاهور (پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي لاءِ سڀاڻي جمعي تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، منصوره مان جاري ڪيل وڊيو پيغام ۽ ايڪس تي بيان ۾ هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمت  فوري طور تي 225 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وڃي ۽ ان کي ٽن سالن لاءِ  لاڪ ڪيو وڃي، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل معاهدي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي عوام کي به فوري رليف ملڻ گهرجي، ٻئي پاسي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سان آل پاڪستان آرگنائيزيشن آف اسمال ٽريڊرز اينڊ ڪاٽيج انڊسٽريز ڪراچي جي صدر محمود حامد جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي، وفد ۽ ڪاشف سعيد وچ ۾ وفاقي بجيٽ بابت واپارين جي خدشن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

You might also like