اسلام آباد (بيورو) سڄي ملڪ ۾ بجلي جي اگهن ۾ 82 پئسا في يونٽ واڌ ڪرڻ لاءِ درخواست نيپرا وٽ جمع ڪرائي وئي، نيپرا موجب مئي مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت درخواست جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن تي ٻڌڻي 30 جون تي ٿيندي، نيپرا جو چوڻ آهي ته درخواست سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) طرفان داخل ڪئي وئي، ذريعن موجب جيڪڏهن درخواست منظور ڪئي وئي ته بجلي واهپيدارن تي لڳ ڀڳ 12 ارب رپين جو اضافي مالي بار پئجي سگهي ٿو.