ٻڍو ٽالپر ۾ پراڻي تڪرار تان پيپلزپارٽي اڳواڻ قتل

ٻڍو ٽالپر/ ميرپوربٺورو/ گجو (نمائندن وٽان) ٻڍو ٽالپر واري علائقي ۾ جت برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪجھه سالن کان هلندڙ تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر خوني رخ اختيار ڪري ويو جنهن ۾ پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري ربڏنو جت قتل ٿي ويو، مقتول ربڏنو  جت جي جنازي نماز ڳوٺ ڪمال جت ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ ضلعي سجاول جي صدر ۽ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ارباب وزير احمد ميمڻ، پ پ ضلعي سجاول جي اڳواڻ واحد پرهياڙ، فقير محمد علي خواجه، صحافي قاسم رنگريز، عبدالغفور ميمڻ سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ پ پ جي جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مڙهه کي سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سسئي پليجو ۽ ٻين پ پ اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ربڏنو جت کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، پ پ اڳواڻ جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرت جو نشانو بڻايو وڃي.

 

You might also like