تخت لاهور سان وڌيڪ گڏ نٿا هلي سگهون:سينيٽر راڻا محمود الحسن

اسلام آباد(بيورو)پ پ سينيٽر راڻا محمود الحسن سينيٽ ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته جڏهن ڪو صوبو تمام وڏو ٿي وڃي ته ان جي ورهاست ضروري بڻجي ويندي آهي. هن چيو ته اسان تخت لاهور سان وڌيڪ گڏ نه رهنداسين، اسان کي پنهنجو صوبو گهرجي، آخر سرائيڪستان ڇو نٿو ٺاهيو وڃي؟ هن مطالبو ڪيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ صنعتي زون،  هاءِ ڪورٽ ۽ اين ايف سي ۾ مناسب حصو ڏنو وڃي. اسان چاهيون ٿا ته ڏکڻ پنجاب کي پنجاب کان الڳ ڪري نئون صوبو بڻايو وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته بلاول ڀٽو زرداري کين چيو آهي ته پنهنجي صوبي جي حق لاءِ جدوجهد ڪريو.هن آبادي جي تيزي سان واڌ بابت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 70 لک ٻار پيدا ٿين ٿا. سندس سوال هو ته ملڪ انهن ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ روزگار لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهيو آهي.

 

You might also like